ليکڪ: ثوبيا شاهد
دنيا اندر ڏينهن مهينن، مهينا سالن ۽ سال صدين ۾ تبديل ٿيندا رهندا آهن، هن وقت تائين وقت جو اهو ڪانٽو ڦرندو رهي ٿو ۽ اسان هر سال گذريل سال کي ياد ڪري نئين سال جي آجيان ڪندا آهيون، نه رڳو ايترو پر هر نئين سال کان اڳ ويندڙ سال جي ڪجهه اهم واقعن تي نظر به رکندا آهيون، اچو ته ڪٿ ڪريون ته 2020ع ۾ دنيا اندر ڪهڙيون تبديليون آيون ۽ ڪهڙن واقعن جنم ورتو، جيتوڻيڪ جديد دنيا ۾ انسانن کي متاثر ڪندڙ ڪورونا 2020ع جو اهم حصو رهيو آهي پر ان کانسواءِ به عالمي سطح تي ڪجهه واقعا ٿيا آهن، جن جي هتي مختصر ڄاڻ ڏئي رهيا آهيون.
ايراني جنرل قاسم سليماني جو موت: سال 2020ع جي شروعات جي ٽئين ڏينهن تي ئي جيڪا سڀ کان وڏي خبر سامهون آئي، اها آمريڪي فضائي حملي ۾ ايراني پاسداران انقلاب جي قدس فورس جي سربراهه ميجر جنرل قاسم سليماني جي شهادت هئي. انتهائي اهم فرد جو موت ايران لاءِ وڏو ڌچڪو ثابت ٿيو ۽ ان اهم واقعي جي ٻن ڏينهن کانپوءِ يعني 5 جنوري تي ايران عالمي طاقتن سان 2015ع ۾ ڪيل ائٽمي ٺاهه کان مڪمل طور دستبرداري جو اعلان ڪري ڇڏيو، گڏوگڏ ايراني صدر حسن روحاني جي انتظاميا اهو به اعلان ڪيو ته ايران يورينيم واڌ، ذخيرو ڪيل يورينيم جو مقدار ۽ ائٽمي سرگرمين ۾ تحقيق ۽ ترقي ۾ هاڻ ڪا به حدبندي نه رکندو، پر جوبائيڊن جي ڪاميابي کانپوءِ ايران آڇ ڪئي ته جيڪڏهن آمريڪا تهران تان اقتصادي پابنديون ختم ڪري ته ايران ٺاهه جي مڪمل پاسداري ڪندو، جڏهن ته جنرل قاسم سليماني جي موت جي پلاند طور عراق ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحادي فوج جي ٻن اڏن تي ايران بئلسٽڪ ميزائل سان حملو ڪيو ۽ دعويٰ ڪئي ته ان ۾ 80 آمريڪي فوجي مارجي ويا آهن ۽ هيليڪاپٽرن ۽ فوجي سامان کي به نقصان پهتو آهي پر آمريڪا اهڙي دعويٰ کي رد ڪندي چيو هو ته حملي ۾ صرف 11 فوجي زخمي ٿيا هئا ۽ ان کانپوءِ پينٽاگون بيان ۾ چيو هو ته حملن ۾ 34 فوجين کي دماغي ڌڪن جي تصديق ٿي آهي.
نئين دهلي ۾ فساد: ڀارت جي مختلف شهرن ۾ شهريت جي قانون جي منظوري خلاف 2019ع جي آخر کان ئي مظاهرا جاري هئا ۽ اهي پرتشدد صورت اختيار ڪري ويا هئا ۽ صورتحال ڇڪتاڻ واري رهي پر 2020ع جي فيبروري مهيني ۾ آمريڪي صدر ٽرمپ جي پهرئين ڀارتي دوري دوران 23 فيبروري تي ڀارت جي گادي واري هنڌ نئين دهلي ۾ هلندڙ مظاهرن اوچتو سنگين مذهبي فسادن جي صورت اختيار ڪري ورتي، سال 2019ع ۾ 11 ڊسمبر تي ڀارتي پارليامينٽ شهريت بابت ترميمي ايڪٽ منظور ڪيو هو، جنهن تحت 31 ڊسمبر 2014ع کان اڳ 3 پاڙيسرين مان ڀارت ۾ آيل هندو، سک، ٻڌمت، جينز، پارسين ۽ عيسائين کي ڀارتي شهريت ڏيڻ جي حامي ڀري وئي هئي، پر ان فهرست ۾ مسلمان شامل نه هئا، نئين دهلي ۾ ٿيندڙ اهڙن فسادن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 53 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا، جن ۾ اڪثريت مسلمانن جي هئي. ايمنسٽي انٽرنيشنل جي رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته فسادن ۾ هندن جي مقابلي ۾ مسلمانن جو ٽيڻ تي نقصان ٿيو هو، سندن جائيدادون ۽ ڪاروبار به ساڙيو ويو هو.
آمريڪا-طالبان امن معاهدو: سال 2001ع ۾ نيويارڪ جي ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي حملي کانپوءِ افغانستان ۾ شروع ٿيل جنگ جي خاتمي لاءِ آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ 29 فيبروري 2020ع تي تاريخي امن ٺاهه تي صحيحون ڪيون ويون، ان تقريب ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاڪستان جي نمائندگي ڪئي هئي، جڏهن ته 50 جي لڳ ڀڳ ملڪن جا نمائندا شريڪ ٿيا هئا، ٺاهه تي صحيحن لاءِ افغان طالبان جو 31 رڪني وفد به قطر جي گادي واري هنڌ ۾ موجود هو، ان ٺاهه تحت جنگ واري ملڪ افغانستان ۾ امن جو ايندڙ قدم افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيڻ ۽ اعتماد سازيءَ لاءِ قيدين جي مٽاسٽا جو شرط لاڳو ڪيو ويو هو.
هيري ۽ ميگهن مارڪل جي شاهي حيثيت جو خاتمو: هالي ووڊ جي چمڪندڙ دنيا ڇڏي شاهي خاندان ۾ شامل ٿيندڙ ميگهن مارڪل ۽ سندس مڙس برطانوي شهزادي پرنس چارلس ۽ ليڊي ڊيانا جي پٽ شهزادي هيري پنهنجي شاهي حيثيت تان هٿ کڻڻ جو اعلان به هلندڙ سال جي شروعات ۾ ڪيو هو، ٻنهي 2020ع جي شروعات ۾ ئي 9 جنوري تي اوچتو شاهي ذميوارين تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو هو ۽ ان کانپوءِ برطانيا جي ملڪا به ٻنهي جي فيصلي جي توثيق ڪئي هئي، جنهن بعد 19 جنوري تي شاهي محل شهزادي هيري ۽ ميگهن مارڪل جي شاهي حيثيت جي خاتمي جو اعلان ڪيو هو، برطانوي شاهي محل مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو هو ته شهزادو هيري ۽ ميگهن مارڪل هاڻ شاهي ذميواريون ادا نه ڪندا، نه ئي اهي هاڻي شاهي محل جو حصو هوندا، پر اهو به چيو ويو هو ته اهي شاهي خاندان جو حصو ضرور رهندا. شاهي خاندان ۾ پيدا ٿيڻ سبب هيري شهزادو ئي چيو ويندو پر ان جي ڪا به شاهي حيثيت نه هوندي، هاڻي هو ڪنهن به ملڪ ۾ شاهي خاندان جي آفيشل فرد طور نه وڃي سگهندو ۽ اهڙي طرح هو پنهنجي سماجي ۽ ڪاروباري مصروفيتن دوران شاهي اعزاز به استعمال نه ڪري سگهندو، 10 مارچ تي برطانوي شاهي جوڙو شهزادو هيري ۽ سندس زال ميگهن مارڪل باقاعده طور تي شاهي حيثيت کان الڳ ٿيا، ان کان هڪ ڏينهن اڳ شهزادي هيري ۽ ميگهن شاهي محل ۾ هڪ تقريب ۾ شاهي حيثيت سان آخري ڀيرو شرڪت ڪئي هئي ۽ ان کانپوءِ هي جوڙو شروعات ۾ ڪئناڊا ۽ بعد ۾ آمريڪا هليو ويو، هاڻي اهي آزاداڻا طور تي انٽرٽينمينٽ، فيشن، راندين ۽ صحت جي شعبن ۾ ڪم ڪري پنهنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهڻ سميت خودمختيار ٿيڻ جي خواهش رکن ٿا.
آمريڪا ۾ خام تيل جي قيمتن جي گهٽتائي: 2020ع ۾ جتي ڪيترا ئي انوکا ۽ حيرت انگيز عالمي واقعا تاريخ ۾ جڳهه وٺي ويا، اتي دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪارو سون سڏرائيندڙ آمريڪي خام تيل جون قيمتون گهٽجي ويون، 21 اپريل تي آمريڪي بينچ مارڪ ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ (ڊبليو ٽي آءِ) مئي جي ڊليوري لاءِ منفي 37.63 ڊالر في بيرل جي سطح تي بند ٿيو، يعني خام تيل وڪرو ڪندڙن خريدار کي تيل سان گڏوگڏ 37.63 ڊالر في بيرل رقم به ڏيڻ تي مجبور ٿيا. آمريڪا کانسواءِ عالمي منڊي ۾ به تيل جي قيمت ۾ گهٽتائي ۽ پيداوار جي حوالي سان سعودي عرب ۽ روس وچ ۾ تڪرار تيل جون قيمتون گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن کانپوءِ اپريل جي شروعات ۾ رياض ۽ ماسڪو تيل جي پيداوار هڪ ڪروڙ بيرل في ڏينهن تائين گهٽ ڪرڻ تي رضامندي جو اظهار ڪندي ان تي تڪرار جو خاتمو آندو.
دنيا ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي باهه جا واقعا: ائين ته 2019ع کان ئي آسٽريليا جي ٻيلن ۾ لڳل باهه وڏي پئماني تي جهنگلي جيوت لاءِ تباهڪاريون آنديون پر 2020ع ۾ وڌيڪ باهه جا اهڙا واقعا سامهون آيا جن عالمي سطح تي ڌيان حاصل ڪيو، هڪ رپورٽ مطابق اها باهه سڄي آسٽريليا جي ٻيلن ۽ سوڪهڙي متاثر زمين جي هڪ لک 15 هزار اسڪوائر ڪلوميٽرز کان وڌيڪ (44 هزار اسڪوائر ميل) حصي تي لڳي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 30 ماڻهو ۽ هزارين گهر تباهه ٿيا، ورلڊ وائيڊ فنڊ فار نيچر (ڊبليو ڊبليو ايف) جي تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته ان غير معمولي باهه جي نتيجي ۾ 3 ارب جانور مري ويا، يا متاثر علائقا ڇڏي ويا ۽ اها جديد تاريخ ۾ جهنگلي جيوت جي بدترين تباهي مان هڪ آهي. 25 آگسٽ تي لبنان جي گادي واري هنڌ بيروت جي بندرگاهه تي خوفناڪ ڌماڪن ڪيترن ئي ميلن تائين عمارتن کي ڌوڏي ڇڏيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ 190 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 6 هزار زخمي ٿي هئا، شروعاتي طور تي خيال ڪيو ويو هو ته اهي ڌماڪا گدام ۾ 6 سالن کان پيل 2700 ٽن نيو امونيم نائيٽريٽ سبب ٿيا هئا. ڌماڪا ايترا ته سخت هئا جو ان جو آواز پاڙيسري قابض ملڪ اسرائيل جي سرحدي شهر تائين ٻڌايا، جڏهن ته ان سان ٿيل نقصانن سبب 2 لک 50 هزار ماڻهو بي گهر به ٿيا هئا. ڌماڪن کانپوءِ شهرين حڪومت خلاف مظاهرا شروع ڪيا هئا، جنهن تي ان وقت جي وزيراعظم حسن ديب 11 آگسٽ تي ڪابينا سميت استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي ۽ پوءِ هن نگران وزيراعظم طور ڪم جاري رکيو ۽ سينيئر جج جي سربراهي ۾ جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ڪئي وئي، جنهن جاچ کانپوءِ وزيراعظم حسن ديب ۽ 3 وزيرن تي غفلت جو الزام هنيو.
ڪرائسٽ چرچ سانحو، ٽرائل ۽ دهشتگرد کي سزا: 2019ع ۾ نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ جي مسجدن ۾ فائرنگ ڪري 51 نمازين کي شهيد ڪندڙ دهشتگرد برينٽن ٽيرنٽ کي بنا پيرول جي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي، نيوزيلينڊ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن ڏوهاري کي اهڙي سزا ٻڌائي وئي، جنهن ۾ ان کي ڪنهن به صورت ۾ معافي جو حق نه ڏنو ويو، سزا ڏيڻ لاءِ ڪارروائي جي شروعات 24 آگسٽ تي ٿي هئي ۽ 4 ڏينهن تائين جاري رهندڙ ان ڪارروائي ۾ پنهنجي پيارن جي جدائي جي ڏک مان گذرندڙ مائٽن جذباتي انداز ۾ پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايا هئا، جج ڏوهاري کي مخاطب ٿيندي ۽ سزا ٻڌائيندي چيو هو ته تنهنجا ڏوهه ايترا ته ڪريل آهن، جو جيڪڏهن مرڻ تائين توکي قيد ۾ رکيو وڃي ته به سزا ۽ مذمت جي تقاضائن کي پورو نٿو ڪري سگهجي.
اسرائيل کي تسليم ڪندڙ اسلامي ملڪ:فلسطين جي حمايت ڪندڙ ۽ خاص ڪري مسلمان هلندڙ سال آگسٽ ۾ ان وقت حيران رهجي ويا، جڏهن بااثر عرب رياست يو اي اي اسرائيل سان پنهنجا لاڳاپا بحال ڪري امن ٺاهه ڪيو ۽ ابراهام معاهدو هاڻ اسرائيل ۽ ٻين خليجي رياستن وچ ۾ ڊگهي عرصي کان ڳجهن لاڳاپن کي سامهون آڻي رهيو آهي، ان معاهدي جو اعلان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪيو، ان کانپوءِ 29 آگسٽ تي گڏيل عرب اماراتن پنهنجي قانون ۾ شامل اسرائيل جي بائيڪاٽ بابت شق ختم ڪري ڇڏي ان کانپوءِ بحرين به اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا بحال ڪيا، 1994ع ۾ اردن به اسرائيل سان لاڳاپا بحال ڪري چڪو هو، جڏهن ته بحرين کانپوءِ مراڪش به اسرائيل سان لاڳاپن کي بحال ڪيو آهي، جڏهن ته ڀوٽان پڻ اسرائيل سان ٺاهه ڪري چڪو آهي ۽ سعودي عرب سميت ٻيا ڪيترائي عرب ملڪ اهڙا لاڳاپا بحال ڪري رهيا آهن، جنهن کانپوءِ فلسطين جو مسئلو عالمي سطح تي پوئتي ڌڪجي ويو آهي.
ٽرمپ جي شڪست: 2020ع آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ صدمي وارو سال رهيو، آمريڪا ۾ صدارتي چونڊن کانپوءِ ٽرمپ کي ڪانگريس جي اميدوار جوبائيڊن وڏي اڪثريت سان شڪست ڏني، جيتوڻيڪ آمريڪي چونڊن جي حوالي سان ڊونلڊ ٽرمپ ڌانڌلين جا الزام پڻ هنيا، عدالتن ۾ به ويو، آمريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مظاهرا پڻ ڪيا ۽ اقتدار نه ڇڏڻ جو اعلان پڻ ڪيو پر نيٺ پنهنجي شڪست کي تسليم ڪري ورتائين.
عالمي وبا ڪورونا وائرس: هاڻ جڏهن اسان هن پوري سال ۾ عالمي صورتحال تي هڪ نظر وجهي رهيا آهيون ته ان ۾ ڪورونا وائرس جو ذڪر ضروري آهي، هي وائرس 2019ع جي آخر ۾ چين ۾ ظاهر ٿيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويو، مارچ تائين ان وائرس سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ اٽلي هو، پر ان کانپوءِ وبا دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ترقي واري ملڪ آمريڪا کي ايترو جڪڙيو جو هو اڃا تائين پاڻ سنڀالي ناهي سگهيو، وائرس جي شروعات ڪٿان ٿي ان بابت اندازو اهو آهي ته هي جانورن مان انسانن ۾ منتقل ٿيو ۽ ان جي پکيڙ جا ذميوار پهريان چمڙا ۽ پوءِ پينگولين نالي جانور آهن پر اڃا تائين اسان تصديق ٿيل بنيادن تي اها ڳالهه نٿا ڪري سگهون. ان حوالي سان چين ۽ آمريڪا وچ ۾ لفظي جنگ به ڏسڻ ۾ آئي ۽ آمريڪا واضح لفظن ۾ الزام پڻ هنيو ته اهو وائرس چين جي شهر ووهان جي ليبارٽرين ۾ هٿرادو طور تيار ڪيو ويو ۽ گڏوگڏ آمريڪا چين جي بائيو ٽيڪنالاجي جي حساس ليبارٽرين جي معائني جو مطالبو به ڪيو ۽ ان کي چيني وبا پڻ قرار ڏنو، چين به الزام هنيو ته دراصل آمريڪي فوج ئي شروعاتي طور تي ڪورونا کي سندن شهر ووهان ۾ کڻي آئي پر ٻنهي طرفن کان الزام ثابت نه ٿيا، هن وقت دنيا ڪورونا وائرس جي ٻي لهر کي منهن ڏئي رهي آهي، جڏهن ته برطانيا ۾ ان جو نئون قسم پڻ دريافت ٿي چڪو آهي پر هن وقت خوشي جي ڳالهه اها آهي ته ان جي ويڪسين تيار ٿي چڪي آهي ۽ اها مختلف ملڪن ۾استعمال به ٿي رهي آهي.