ايڊيٽوريل
وفاقي حڪومت ملڪ جي عوام کي نئين سال جو تحفوڏيندي پيٽرول 2 روپيا 31 پئسا في لٽر ۽ ايل پي جي 15 روپيا 88 پئسافي ڪلو مهانگي ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ تيل جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جيڪي اڄ بهرين جنوري کان لاڳو ٿي ويا آهن. ان سلسلي ۾ وزيراعظم هائوس مان جاري ٿيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اوگرا پيٽرول جي اگهه ۾ 10 روپيا 68 پئسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 8 روپيا 37 پئسا، لائٽ ڊيزل جي اگهه ۾ 14 روپيا 87 پئسا ۽ گاسليٽ جي اگهه ۾ 10 روپيا 92 پئسا واڌ ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي پر وزيراعظم عمران خان عوام کي تيل جي اگهن ۾ريليف ڏيڻ لاءِ اوگرا جي سفارش ڪيل اگهن جي ڀيٽ ۾ گهٽ اگهن جي منظوري ڏني آهي. جنهن موجب پيٽرول جي اگهه ۾ 2 روپيا 31 پئسا لٽر، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ هڪ روپيو 80 پئسا، لائٽ ڊيزل جي اگهه ۾ 3 روپيا 95 پئسا ۽ گاسليٽ جي اگهه ۾ 3 روپيا 36 پئسا في لٽر تي واڌ ڪئي وئي آهي. جنهن کان پوءِ پيٽرول جو اگهه 103 روپيا 61 پئسن مان وڌي 106 روپيا ٿي ويو، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو اگهه 108 روپيا 44 پئسن مان وڌي 110 روپيا 24 پئسا ٿي ويو، لائٽ ڊيزل جو اگهه 67 روپيا 86 پئسن مان وڌي 71 روپيا 81 پئسا ۽ گاسليٽ جو اگهه 70 روپيا 29 پئسن مان وڌي 74 روپيا 65 پئسا ٿي ويو آهي. هوڏانهن پيٽروليم جي نون اگهن تي رات 12 وڳي کان عمل شروع ٿي ويو، نوان اگهه لاڳو ٿيڻ کان اڳ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين پيٽرول پمپن تي تيل جو وڪرو بند رهيو، جيڪو رات 12 وڳي وڌيل اگهن سان ئي شروع ڪيو ويو. ٻي پاسي وفاقي حڪومت ايل پي جي پڻ 15 روپيا 88 پئسافي ڪلو مهانگي ڪري ڇڏي آهي. جنهن کان پوءِ ايل پي جي جو اگهه 132 روپين مان وڌي 147 روپيا ٿي ويو آهي. ايل پي جي جي گهريلو سلينڊر جي اگهه ۾ 180 روپين جي واڌ ٿي آهي، جنهن کان پوءِ ان جو اگهه 1553 مان وڌي 1733 روپين تائين پهچي ويو، جڏهن ته ڪمرشل سلينڊر جي اگهه ۾ 692 روپين جي واڌ ڪئي وئي آهي.
سڄي دنيا ۾ نئين سال يا خاص تهوارن جي موقعي تي عوام لاءِ خاص رليف ڏنو ويندو آهي ۽ عام واهپي شين ۾ گهٽتائي ڪري خاص ۽ سستيون بازارون لڳائي عوام لاءِ آساني پيدا ڪئي ويندي آهي پر اسان وٽ شايد ئي ڪو اهڙو سال آيو هجي جنهن جي شروعات مهانگائي نه ٿي هجي، خاص ڏڻن جي موقعي تي اسان وٽ مهانگائي چوٽ چڙهي ويندي آهي، موجوده حڪومت عوام تي ڪجهه وڌيڪ ئي مهربان آهي، 2 ڏينهن پهريان بجلي جا اگهه وڌايا ويا ۽ وري نئين سال جي پهرئين ڏينهن پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي، نه صرف ايترو پر ايل پي جي جي اگهه ۾ پڻ 15 رپيا في ڪلو واڌ ڪري گئس جي بحران کي منهن ڏيندڙ ۽ انتظامي نااهلي ڀوڳيندڙ عوام کي سخت سياري ۾ مهانگائي جو هڪ ٻيو تحفو ڏنو آهي، پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ اڳ ئي مهانگائي جو آسمان ڇهندڙ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ پڻ واڌ ٿيندي ۽ عوام مٿان واڌو بار لاڳو ٿي ويندو، اسان سمجهون ٿا ته اهو پاڪستان جي عوام سان وڏو ظلم آهي، ڇو ته هن ملڪ جي اڪثر ماڻهن جي آمدني ته هڪ ڊالر ڏهاڙي پڻ نه آهي ۽ ملڪ اندر ڏينهون ڏينهن غربت لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ماڻهن جو انگ وڌندو پيو وڃي ۽ هتان جي ماڻهن جي حالت ”آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ واري آهي، اسان سمجهون ٿا ته اهو پاڪستان جي ماڻهن سان سراسر ظلم ۽ ناانصافي آهي، حڪومت کي وڌندڙ مهانگائي بابت سنجيدگي سان سوچي قدم کڻڻ ۽ پيٽروليم مصنوعات جا اگهه واپس وٺڻ گهرجن ته جيئن ماڻهن کي رليف ملي سگهي.