ليکڪ: ظهير ميراڻي
سائنسدانن جو ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته هن ڌرتي جنهن تي انسان آباد آهن ان لڳ ڀڳ 45 لک سال اڳ ۾ جنم ورتو ۽ ان تي 3850 سال اڳ زندگي جون نشانيون ڏٺيون ويون، ايڏي هن وشال عرصي ۾ دنيا ڪيئي لاها چاڙها ۽ عروج توڙي زوال ڏٺا آهن، انسان ان زماني کان وٺي ترقي ڪندو اڄ سائنس جي ان عروج تي پهتل آهي جو هاڻي ان ڌرتي جي گرهه مان نڪري چنڊ تائين پهچڻ جون ڳالهيون به هلي رهيون آهن پر جنهن وقت انسان چنڊ تي پهچڻ جي رٿابندي ڪري رهيو هو ان وقت دنيا ۾ هڪ اهڙي قيامت خيز سال اچي ڪر کنيو جو سڄي دنيا ڄڻ تباهي جي ڪنڌي تي پهچي وئي هئي ائين چئون ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته ڄڻ ڪو مريض زندهه هجي، 2020ع ۾ اهي دل ڌڏيندڙ نظارا ڏٺا ويا جيڪي دنيا پنهنجي ان هزارين سالن جي تاريخ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺا هئا، ڏسندي ئي ڏسندي سڄي دنيا جا انسان پنهنجي گهرن ۾ محدود ٿي ويا ۽ شهرن توڙي ڳوٺن ۽ انهن جي گهٽين ۾ جانورن اچي پاڻ وسايو، هر هنڌ موت جو راڪاس گهمي رهيو هو، صرف ويراني ۽ ويراني هئي، ائين جيئن قيامت جا آثار هجن، ڪنهن به ماڻهو کي پنهنجي ساهه تي باقي پوءِ اعتبار ڪو نه هو، ڇا بادشاهه، ڇا امير، ڇا غريب سڀ نفسا نفسي جي دور ۾ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڊوڙي رهيا هئا، پهريون ڀيرو مڪي ۽ مديني جا دروازا بند ڪيا ويا، ڇا مسجدون، ڇا مندر، ڇا ڪليسائون، ڇا بزرگن جون درگاهون سڀ جو سڀ بند ٿي ويون، بازارون ويران ۽ شهر اجڙي ويا، شاديون مراديون به پنهنجي پڄاڻي تي پهتيون ۽ خوشين جا ڏينهن موڪلائي ويا، اهو سڀ ڪجهه هڪ اهڙي اڻ ڏٺل وائرس سبب پيدا ٿي ويو هو، جيڪو نظر ته ڪنهن کي به نه پئي آيو پر بس ماڻهو مري رهيا هئا، ڪو به علاج نه هيو ۽ سائنس به ڪنڌ جهڪائي بيٺل هئي، اهو عالم هو ته خود پهريون دفعو انسانن جو لاش دفنائڻ به هڪ سوال بڻيل هو، ڪو به ڪنهن جو نه هو، ڪيترن ئي ملڪن ۾ لاش گهٽين ۾ پيل هئا پر ڪير به کڻڻ ۽ نه ئي دفنائڻ لاءِ تيار هو، سڄي زندگي جو وهنوار تبديل ٿي ويو ۽ انسان هڪٻئي کان پري ڀڄي رهيا هئا، ائين جيئن انسان مان انسانن کي ئي موت منتقل ٿيندو هجي، دنيا جي 218 ملڪن ۽ علائقن مان سواءِ چند جي اهڙو ڪو به ملڪ باقي نه هو جيڪو ان وائرس جي حملي کان بچيل هجي، سڀ کان وڌيڪ دانهون دنيا جي سپر پاور ۽ يورپ جي ملڪن مان اٿي رهيون هيون ۽ انهن جا شهر ائين ويران ٿي ويا هئا ڄڻ قيامت ڪاهي آئي هجي!
هن دنيا پنهنجي وجود دوران ڪيئي ڦهلجندڙ وبائون، جنگيون، قدرتي آفتون ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه ڏٺو آهي جن ۾ ٻه عالمي جنگيون ۽ ائٽمي حملا پڻ شامل آهن، 1200 (ق م) ۾ انفليوئنزا ۽ 426 (ق م) ۾ پليگ دنيا اندر وڏي تباهي پڻ آندي، چون ٿا ته يونان ۾ پليگ سبب 7 ڪروڙ 50 لک ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا هئا، جن ۾ يونانين جي اڌ طاقتور فوج پڻ شامل هئي، پر 2020ع ۾ ڪورونا وائرس (ڪووڊ-19) نالي سان ڦهليل هن وبائي بيماري دنيا جون رڙيون ڪڍي ڇڏيون، جنهن ڪري ان کان بچڻ لاءِ ڊگها لاڪ ڊائون پڻ ڪيا ويا، هن جي ڏهڪاءَ ماضي جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، هي وائرس اڄ جو ڪو نه هو، هن وائرس 1920ع ۾ جانورن ۾ جنم ورتو ۽ پهريون دفعو نارٿ آمريڪا ۾ ان جي سڃاڻپ ٿي، ان کانپوءِ 1931ع ۾ نارٿ ڊڪوٽا ۾ ڪڪڙين ۾ اهو وائرس ڏٺو ويو ۽ ائين 1960ع ۾ اهو انسانن ۾ منتقل ٿيو ۽ آمريڪا ۽ برطانيا اندر ان جي تصديق ٿي، ان کانپوءِ هن وائرس دنيا کي هلندڙ سال جي جنوري ۾ انسانن مٿان ڀرپور انداز ۾ حملو ڪيو، جنهن جو انڪشاف 9 جنوري تي دنيا جي اڀرندڙ سپر پاور چين جي شهر ووهان مان ٿيو ۽ اتان هي سڄي دنيا ۾ ڦهلجي ويو، دنيا اندر سڀ کان وڌيڪ آمريڪا، چين، انڊيا، برازيل، اٽلي، ميڪسيڪو، برطانيا، فرانس ۽ يورپ جا ڪجهه ٻيا ملڪ شديد متاثر ٿيا، جتي هن وائرس تباهي مچائي ڇڏي، جنوري 2020ع کان 31 ڊسمبر 2020ع جي لهندڙ سج تائين دنيا اندر هن مهل تائين 83403268 ماڻهو هن وائرس ۾ مبتلا ٿيا آهن، جن مان 1818577 ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا آهن، هن وائرس ٻين ملڪن جيان پاڪستان کي به لوڏي ڇڏيو، 20 فيبروري تي ڪورونا وائرس جيئن ئي پاڪستان ۾ داخل ٿيو ته خوف جي لهر اسان جا شهر توڙي ڳوٺ ويران ڪري ڇڏيا، هڪ موتمار خوف جي ڇانو ۾ ماڻهو ڄڻ خالي ساهه کڻندا رهيا، هن مهل تائين پاڪستان ۾ 1479715 ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جن مان 10105 فوت ٿي ويا آهن، جن ۾ ڪيتريون ئي ناليواريون سياسي سماجي، ادبي ۽ تعليمي شخصيتون شامل آهن، سنڌ ۾ پڻ 214425 ماڻهو ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيا آهن، جن مان 3533 ماڻهو گذاري ويا آهن، ڪورونا وائرس کان محفوظ رهڻ لاءِ سنڌ طرفان جيڪي قدم کنيا ويا، ان جي ملڪي توڙي عالمي سطح تي تعريف ڪئي وئي، دنيا ۾ ڪجهه اهڙا ملڪ به آهن جيڪي خوشقسمتي سان ڪورونا جي حملي کان محفوظ رهيا آهن، انهن ۾ ايريٽيريا، منگوليا، ڀوٽان، ڪمبوڊيا، گرينيڊا، لائوس، ويٽيڪن سٽي، گرين لينڊ ۽ ٻيا ڪجهه ننڍا ملڪ ۽ جزيرا شامل آهن، جتي ماڻهو مڪمل طور تي محفوظ رهيا آهن ۽ ڪنهن هڪ ماڻهو جي به جان نه وئي آهي.
2020ع جو سال مجموعي طور تي انسانيت لاءِ تمام گهڻيون تڪليفون ۽ مصيبتون کڻي آيو، ڪورونا سان گڏ مهانگائي ۽ بيروزگاري پڻ جنم ورتو، پاڪستان ۾ ته مهانگائي جي هڪ اهڙي طوفان ڪر کنيو جنهن ماڻهن کي جيئرو ئي ماريو آهي، هر سال ايندڙ نئين سال جي ان ئي اميد سان آجيان ڪئي ويندي آهي ته جيڪي تڪليفون گذريل سال ڏئي ويو اهو نئون سال نه ڏئي، پر بدقسمتي آهي ته 2020ع جو سال ڀيانڪ ثابت ٿيو ۽ تمام گهڻا وڇوڙا پڻ ٿيا، ڪيترائي ناليوارا انسان، علمي، ادبي شخصيتون، سرجڻهار، شاعر، اديب، دانشور ۽ سياسي اڳواڻ هن ئي سال ۾ دنيا کي الوداع ڪري ويا، ملڪي سطح تي اهڙن ماڻهن ۾ اڳوڻو وزيراعظم مير ظفر الله جمالي، مير حاصل بزنجو، فخر الدين جي ابراهيم، ڪامريڊ لعل خان، منور حسن، علامه طالب جوهري، مفتي محمد نعيم، نعيم الحق، نعمت الله خان، مبشر حسن، طارق عزيز، ضمير اختر، صبيحه خانم شامل آهن. هڪ باوقار جج وقار سيٺ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف سزا جي فتويٰ ڏيندڙ جج ارشد ملڪ به هن ئي سال گذاري ويا آهن، جڏهن ته سنڌ مان به اهڙا ڌرتي جا عاشق ۽ سورهيه سرويچ پٽ موڪلائي ويا آهن، جن جو درد هميشه محسوس ڪيو ويندو، اهڙن شخصيتن ۾ سائين عطا محمد ڀنڀرو، غلام علي الانا، قلندر شاهه لڪياري، ڊاڪٽر ڪمال احمد ڄامڙو، نثار احمد صديقي، رسول بخش درس، پارس حميد ۽ ٻيا شامل آهن، سياست ۽ ٻين شعبن جون ڪيتريون ئي شخصيتون به الوداع ڪري ويون آهن، جن ۾ اڳوڻو وڏو وزير سيد مظفر حسين شاهه، ڄام مدد علي، غلام مرتضيٰ بلوچ، راشد رباني، فقير جادم مڱريو، سيد نور محمد شاهه، اعجاز شاهه شيرازي ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته ناليوارو صحافي عبدالحميد ڇاپڙا به هن ئي سال ۾ گذاري ويو آهي، هن ئي سال سپر پاور آمريڪا جي تڪراري صدر ڊونلڊ جو سج به لهي ويو، جڏهن ته وچ اوڀر جي عرب حڪمرانن پراڻي تاريخ ڊاهي مني صدي کانپوءِ اسرائيل سان لاڳاپا پڻ جوڙڻ جي نئين تاريخ لکڻ جي شروعات ڪئي آهي.
هي سال آيو به تباهي کڻي ۽ ڇڏي به تباهي ويو آهي، اڄ به ڪورونا موجود آهي ۽ ماڻهو ساڳئي انداز ۾ مري رهيا آهن، مهانگائي، بيروزگاري به عروج تي آهي ۽ ماڻهو هر هنڌ ڄڻ دربدر ئي آهن، هر هنڌ انسانن جون دانهون ۽ رڙيون آسمان کي ڏاري رهيون آهن، سال جي آخري رات به مهراڻ ڪنڌيءَ تي سنڌ جي دنگ وٽ سنڌ جي نياڻين کي ڪربلا جي قيدين جيان ڪٽيو ۽ ماريو ويو، بس هي سال موڪلائي ويو، هن وقت هن سال جو سج لهي چڪو آهي ۽ اڄ 2021ع جو سج اڀري چڪو آهي، بس اسان اهائي اميد رکون ٿا ته هي سال انسانن لاءِ نيون اميدون ۽ آسانيون کڻي ايندو ۽ انهن کي اهو مقام ڏياريندو جيڪو انسانن جو حق آهي.