193

صدر ٽرمپ ٻيون صدام حسين ثابت ٿيو آهي: حسن روحاني

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي صدر حسن روحاني نئين سال جي موقعي تي جنرل قاسم سليماني جي قتل جو بدلو وٺڻ واري عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آمريڪا مان رٽائر ٿيندڙ صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٻيون صدام حسين ثابت ٿيو آهي. پرڏيهي اداري مطابق ايران جي صدر حسن روحاني پنهنجي خطاب ۾ چيو آهي ته صدام حسين 8 سال ويڙهه لاڳو رکي، جنهن جو خاتمو سندس اقتدار کان هٽڻ کانپوءِ آيو، اهڙي ريت صدر ٽرمپ به اسان تي 3 سال جنگ مڙهي ۽ هو به ايندڙ ٽن هفتن ۾ اقتدار کان ٻاهر ٿي ويندو. ايراني صدر حسن روحاني القدس فورس جي سربراهه ڪمانڊر قاسم سليماني جي قتل جو بدلو وٺڻ وارو عزم ورجايو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو