183

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ايٽمي ٺڪاڻن ۽ قيدين جي لسٽن جي ڏي وٺ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ايٽمي ٺڪاڻن ۽ قيدين جي لسٽن جي ڏي وٺ ٿي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري مطابق پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ايٽمي ٺڪاڻن تي حملو نه ڪرڻ وارو معاهدو 31 ڊسمبر 1988ع ۾ طئي ٿيو هو، معاهدي تحت ٻئي ملڪ هر سال پهرين جنوري تي ايٽمي ٺڪاڻن، اثاثن ۽ قيدين جون لسٽون هڪٻئي حوالي ڪندا آهن، ان حوالي سان پرڏيهي وزارت پاڪستان ۾ ايٽمي ٺڪاڻن جي لسٽ ڀارتي هاءِ ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ڀارتي ايٽمي ٺڪاڻن جي لسٽ ڀارتي پرڏيهي وزارت پاڪستاني هاءِ ڪميشن حوالي ڪري ڇڏي آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ايٽمي ٺڪاڻن جي لسٽن جي ڏي وٺ وارو عمل پهرين جنوري 1992ع کان هلندڙ آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو