219

گم ٿيل سياسي سماجي ڪارڪنن کي ظاهر ڪري کين عدالتن آڏو پيش ڪيو وڃي: سيد جلال محمود شاهه

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سيد جلال محمود شاهه اوٻاوڙي ۾ سنڌ جي نياڻين ۽ نوجوانن مٿان پوليس گردي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته پر امن احتجاج هر شخص جو جمهوري ۽ قانوني حق آهي ۽ اهو حق پاڪستان جو آئين ۽ قانون ڏئي ٿو ۽ جھڙي طرح هٿين خالي سنڌ جي نياڻين ۽ نوجوانن مٿان پوليس ڪاھ ڪري کين تشدد جو نشانو بڻايو ۽ گرفتار ڪيو اهو مذمت جوڳو عمل آهي. جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو مان جاري ڪيل بيان ۾ سيد جلال محمود شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي هميشه اهو چوندي رهي آهي ته جيسيتائين پوليس کي سياست کان الڳ نه ڪندئو تيستائين پوليس انتظاميا پاران اهڙا واقعا ٿيندا رهندا ان ڪري پوليس ۾ ريفارمس ۽ کيس غيرسياسي ڪرڻ تمام ضروري آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ پوليس وڏيرن ۽ سنڌ جي حڪمرانن کي خوش ڪرڻ لاءِ هر غيرقانوني قدم کڻڻ لاءِ تيار رهندي آهي. ايس يو پي سربراهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جا گم ٿيل سياسي ڪارڪن ڪي ڏوهاري ناهين ۽ جيڪڏهن هو رياست جا ڏوهي آهن ته قانون ڪنهن لاءِ آهي؟ کين عدالتن آڏو پيش ڪيو. سيد جلال محمود شاهه مطالبو ڪيو ته گم ٿيل سياسي سماجي ڪارڪنن کي ظاهر ڪري کين عدالتن آڏو پيش ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو