183

پ پ کي سينيٽ چونڊ ۾ حصو وٺڻ تي ڀليڪار چئون ٿا، اميد ته ن ليگ به حصو وٺندي: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان پرائي شادي ۾ عبدالله ديوانو جيان آهي، ان جو پلان مخالف ڌر کي بند گهٽي طرف وٺي وڃڻ وارو آهي. طورخم دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي پاران سينيٽ چونڊ ۾ حصو وٺڻ خوش آئيند ڳالهه آهي، کيس ڀليڪار چئون ٿا، اميد آهي ته ن ليگ به سينيٽ چونڊ ۾ حصو وٺندي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جي ته ڪا سيٽ ناهي، هو پرائي شادي ۾ عبدالله ديواني جيان آهي، ان جو قومي سياست ۾ ڪوبه ڪردار ناهي رهيو، مولانا جو پلان مخالف ڌر کي بند گهٽي طرف وٺي وڃڻ وارو آهي، سمجهدار سياستدان ڪڏهن به ڳالهين وارو دروازو بند ناهي ڪندو ۽ نه ئي ڪڏهن بند گهٽي ۾ داخل ٿيندو آهي، اڄ يا سڀاڻي پر ڳالهيون نيٺ ٿيڻيون آهن، مولانا فضل الرحمان کي چوان ٿو ته ڪوبه بحران پيدا نه ٿيندو، اڄ به چوان ٿو ته جيڪڏهن اوهان وفا ڪندا ته اسان به وفا ڪنداسين. هن چيو ته 16 فيبروري تي نواز شريف جو پاسپورٽ رينيو نه ٿيندو پر رد سمجهيو ويندو، نواز شريف کي واپس آڻڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪئي پئي وڃي، برطانوي حڪومت سان ڪوبه معاهدو ناهي، عمران خان مافيا خلاف اگهاڙي تلوار سان وڙهي رهيو آهي، هن سال مهانگائي ختم ڪري ساهه کڻنداسين، حڪومت پنج سال پورا ڪندي.هن چيو ته فوج خلاف غير مهذب ٻولي ڳالهائيندڙن خلاف قانون حرڪت ۾ ايندو، ڪنهن کي به پاڪ فوج خلاف ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، سياست ۾ ملوث اين جي اوز خلاف به ڪارروائي ٿيندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو