164

سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 22 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 22 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جڏهن ته 953 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ سنڌجي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ وبا وگهي وڌيڪ 22 ڄڻا فوت ٿيا آهن، جڏهن ته 953 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ صوبي ۾ وائرس سٽيلن جو انگ 2 لک 16 هزار 632 ٿي ويو آهي. جاري ڪيل انگن اکرن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچي ۾ 792، حيدرآباد ۾ 34 ۽ ميرپور خاص ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 14-14 ڪورونا جا نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو