اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر اڳواڻ راجا ظفر الحق چيو آهي ته سينيٽ جو اجلاس جنهن مقصد لاءِ گهرايو ويو آهي اهو ڪنهن هڪ ماڻهو جي لاءِ نه آهي جيڪڏهن ڪنهن ڏوهه ڪيو آهي ته ان تي عدالتي طريقيڪار موجب ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. سينيٽ ۾ مخالف ڌر پاران پيش ڪيل رٿن تي بحث جو آغاز ڪندي هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ڏوهه ڪيو آهي ته ان تي ڪارروائي عدالتن جي طريقيڪار موجب ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته انهن رٿن تي بحث ٿيڻ گهرجي ۽ اهڙي معاملي کي ڪنهن اهڙي ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي جتي ٻنهي طرفن جا ماڻهو موجود هجن ۽ ان تي تفصيلي بحث ٿي سگهي. هن ٻڌايو ته خواجه آصف جي گرفتاري جي مذمت ڪريون ٿا، ملڪ جي اندر صورتحال اهڙي طرح رهي ته بدنظمي ۽ مقابلي جي فضا قائم ٿيندي، هن چيو ته اجلاس جي ايجنڊا مخالف ڌر ڏني آهي پر ان تي بحث لاءِ ٻنهي طرفن کي گهرائڻ گهرجي.
162