اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته مخالف ڌر ڪرپشن ۽ چوري ڪري پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اثاثا ٺاهيا، پاناما دستاويز پاڪستان جي ڪنهن ميڊيا هائوس يا نيب جاري ناهن ڪيا، لنڊن جي ملڪيتن جي حوالي سان بي بي سي جي ڊاڪيومينٽري ٺهي، جڏهن ته نيويارڪ ٽائيمز آرٽيڪل به لکيا، بهترين جمهوريت جي لاءِ ميڊيا جو هجڻ ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ ۾ مخالف ڌر پاران پيش ڪيل رٿن تي بحث ۾ حصو وٺندي ڪيو. وفاقي وزير مراد سعيد نئين سال جي آغاز کي سينيٽ جي سڀني ميمبرن کي مبارڪون ڏنيون، هن چيو ته نيب جي حوالي سان نيب جو ترجمان ئي بهتر ڳالهائي سگهي ٿو، هن ميڊيا ۽ اينڪرز جي حوالي سان بيانن جي مذمت ڪندي چيو ته ميڊيا ۽ صحافين کي جنهن انداز سان مخاطب ڪيو ويو ۽ پوري صحافي برادري کي تڪراري بڻايو ويو اها غير مناسب ڳالهه آهي، هن چيو ته ماضي ۾ نيب سميت پارليامينٽ، ايس اي سي پي، ايف بي آر، ۽ قومي اسيمبلي کي پنهنجي مرضي جي ماڻهن جي خلاف ۽ پنهنجي ڪرپشن جي دفاع لاءِ استعمال ڪيو ويو، هن چيو ته آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ، ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ به چيو ويو آهي ته دنيا ۾ جمهوريت شفافيت ۽ احتساب جو نالو آهي، بهترين جمهوريت جي لاءِ ميڊيا جو هجڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ جو ميڊيا حڪومت ۽ سياستدانن سميت ڪرپشن تي نظر رکندي آهي، پاناما پيپرن جي حوالي سان هن چيو ته اهي دستاويز پاڪستان جي ڪنهن ميڊيا هائوس يا نيب جاري ناهن ڪيا، پاناما پيپرز سامهون اچڻ کانپوءِ آئيس لينڊ جي وزيراعظم استعيفا ڏني، يوڪرائن مان استعيفائون آيون پر پاڪستان ۾ صورتحال ۾ مختلف رهي، اثاثا آمدني کان وڌيڪ ڏٺا ويا ته سپريم ڪورٽ آمدني جو ذريعو پڇيو، ان دوران قطري خط آيو، ڪليبري فونٽ مان جعل سازي ثابت ٿي، عدالت فيصلو ڏنو ته توهان صادق ۽ امين نه آهيو،ڪرپشن ثابت ٿي، اثاثن جون تفصيلون سامهون آيون، مني ٽريل نه ملي ۽ سزا ٻڌائي وئي، ته ان کانپوءِ انهن ماڻهن عدالتن کي نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو، هن چيو ته لنڊن جي ملڪيتن جي حوالي سان اهو ڪو نئون انڪشاف ناهي ٿيو، ان تي بي بي سي جي ڊاڪيومينٽري ٺهي چڪي آهي، جڏهن ته نيويارڪ ٽائيمز ۾ آرٽيڪلز به لکيا ويا آهن پر منهنجو سوال آهي ته جيڪڏهن اها خبر غلط هئي ته دنيا ۾ بهترين قانون موجود هئا، انهن سان رجوع ڇو نه ڪيو ويو، هن چيو ته جمهوريت ۾ ميڊيا پنهنجو ڪم ڪندي آهي، هو هر شيءَ تي نظر رکندي آهي، ميڊيا خبر سامهون آڻيندي آهي ۽ ان ۾ انڪشاف ٿيندو آهي جنهن تي ماڻهو استعيفا ڏيندا آهن، هن چيو ته فيڪ اڪائونٽس تي پوري جي آءِ ٽي ٺهي، اهو ڪيس عمران خان نه ٺاهيو هو، مراد سعيد چيو ته محترمه جي پهريون ڀيرو حڪومت ٺهي ان حڪومت ۾ جيڪي به منصوبا آيا انهن ۾ شريڪ چيئرمين کي مسٽر فائيو پرسنٽ خطاب مليو، جيڪو بعد ۾ وڌندو ويو ان خطاب جو ذڪر دنيا جي وڏن وڏن اخبارن جي آرٽيڪلز ۾ ٿي چڪو آهي، مخالف ڌر ڪرپشن ۽ چوري ڪري پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اثاثا ٺاهيا، شهباز شريف جي صلاحڪار ڪڪ بيڪس جا پئسا وصول ڪندو رهيو، مني لانڊرنگ جي ذريعي ان کي پئسا موڪلڻ وارا ٻاهرين ملڪ ته پري جي ڳالهه پر ڪڏهن ڪراچي نه ويا، ملڪ ۾ اظهار راءِ جي آزادي آهي ميڊيا تي ڪا به پابندي نه آهي، وزيراعظم عمران خان کان جڏهن ملڪيتن جي باري ۾ پڇيو ويو ته هن ان جو دستاويزي ثبوت ڏنو ۽ ثابت ڪيو ته ڪمائي حلال جي هجي ته رسيدون نڪري اينديون آهن، هن چيو ته مخالف ڌر نيب آرڊيننس ۾ ذاتي مفادن لاءِ نيب جي سيڪشن 2 سيڪشن 5 سيڪشن4 سيڪشن 9 ۽ سيڪشن 15 ۾ ترميمون تجويز ڪيون، مخالف ڌر چيو ته نيب آرڊيننس جو لاڳو 1999ع کان اڳ غير موثر قرار ڏنو وڃي، نيب جي ڪارروائي لاءِ رقم جي حد هڪ ارب روپيا مقرر ڪئي وڃي، رهيل قرض بابت شق تبديل ڪئي وڃي، نيب آرڊيننس ۾ ان ترميم جا بينيفشري آصف علي زرداري، نواز شريف، شهباز شريف، احسن اقبال، خواجه آصف، رانا ثناءُ الله، مريم نواز، يوسف رضا گيلاني، مراد علي شاهه ٺهندا آهن، هن چيو ته ايف اي ٽي ايف ۾ ملڪي مفاد ۾ قانونسازي ڪئي، مخالف ڌر ان جي به مخالفت ڪئي، مخالف ڌر فوج، عدليه ۽ پارليامينٽ کي نشانو بڻائيندي رهي آهي، هن چيو ته انهن کي ڪنهن به صورت ۾ اين آر او نه ملندو. 2020ع ۾ عوام انهن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ اهي استعيفائن کان به ڦري ويا، وفاقي وزير مراد سعيد جي تقرير دوران مخالف ڌر پاران شور جاري رهيو.
164