211

پي ڊي ايم ضمني چونڊن ۾حصو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، حڪومت وٽ استعيفيٰ لاءِ مهينو آهي، سينيٽ چونڊن بابت فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو: قيادت

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم ضمني چونڊن ۾حصو وٺڻ ۽ 19 جنوري ءَ تي اليڪشن ڪميشن جي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ سينيٽ جي چونڊن ۾حصو وٺڻ يا نه وٺڻ جو فيصلو پوءِ ڪيو ويندو، جڏهن ته پي ڊي ايم لانگ مارچ جو رخ راولپنڊي ڏانهن ڪرڻ تي به غور شروع ڪري ڇڏيو آهي ان بابت پڻ فيصلو  ايندڙ اجلاسن  ۾ ڪيو ويندو. اهڙا فيصلا  لاهور جي جاتي امرا ۾ ن ليگ جي ميزباني هيٺ پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ ڪيا ويا.  پي ڊي ايم جي صدر مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ مريم نواز، محمود خان اچڪزئي، اختر جان مينگل، آفتاب احمد خان شيرپائو، اويس نوراني سميت اهم اڳواڻ شريڪ ٿيا. جڏهن آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پيپلز پارٽي پنهنجي سي اي سي واريون تجويزون پيش ڪري ڇڏيون ۽ صورتحال بابت آئيني، قانوني ۽ سياسي معاملن تي تفصيل سان بريفنگ پڻ ڏني. جنهن کان پوءِ اتفاق راءِ سان ضمني چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته سينيٽ جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ يا نه وٺڻ جو فيصلو پوءِ ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. پي ڊي ايم جي اجلاس کان پوءِ مولانا فضل الرحمان ٻين اڳواڻن سان گڏجي ميڊيا کي اجلاس جي فيصلن بابت بريفنگ ڏني. مولانا فضل الرحمان چيو ته ميڊيا تي پي ڊي ايم جي اختلافن جون خبرون هلايون وڃن پيون جيڪي دم ٽوڙي چڪيون آهن ، پي ڊي ايم اڳ کان وڌيڪ مضبوط ٿي وئي آهي. اجلاس ۾ ضمني اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ سينيٽ جي چونڊن ۾ اڃان وقت آهي ان ڪري ان بابت حصو وٺڻ يا نه وٺڻ جو فيصلو پوءِ ڪيوويندو. سمورين پارٽين رپورٽ ڏني آهي ته سندن سڀني ميمبرن  جون استعفائون کين ملي ويون آهن  ان سان هڪ هدف حاصل ڪري چڪا آهيون. جڏهن ته اسان عمران خان جي استعفا لاءِ به ان کي 31 جنوريءَ جي مهلت ڏني هئي، اڄ ٻيهر چئون ٿا ته حڪومت وٽ هڪ مهينو آهي، ان کان پوءِ  استعفائن ۽ لانگ مارچ بابت حڪمت عملي ٺاهينداسين،  هر فيصلو پاڻ ۾ مشاورت سان ئي ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته بي اعتمادي رٿ بابت اڃان فيصلو نه ٿيو آهي. اسين اهو به فيصلو ڪنداسين ته لانگ مارچ اسلام آباد ڏانهن ڪيو وڃي يا راولپنڊيءَ ڏانهن ڪيو وڃي،  عمران ته رڳو هڪ مهرو آهي تحريڪ جو رخ رڳو ان ڏانهن ئي نه پر انهن ڏانهن به ڪرڻو آهي جيڪي ان جي پٺيان آهن. هن وڌيڪ چيو ته 19 جنوريءَ  تي اليڪشن ڪميشن جي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪنداسين، ان کان علاوه  نيب جي آفيسن  جي اڳيان به احتجاجي مظاهرا ڪنداسين. هن چيو ته  هي احتساب نه انتقام آهي، نيب کي رڳو انتقام وٺڻ لاءِ ئي ٺاهيو  ويو. هڪ سوال جي جواب ۾ مولانا چيو ته پ پ کي ڪي به اعتراض نه هئا پر انهن جون ڪجهه تجويزون هيون جيڪي انهن پيش ڪيون، پ پ سموري صورتحال جي آئيني،  قانوني ۽  سياسي پوزين کي به تفصيل سان چٽو ڪيو  ۽ پنهنجون تجويزون پڻ سامهون رکيون.  اسين ان تي به غور ڪري رهيا آهيون ته باقاعده جيلن جو رخ ڪريون ۽ باقاعده گرفتارين جو سلسلو پڻ شروع ڪيو وڃي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته محمد علي دراني قومي ڳالهين جو فلسفو بيان ڪيو ۽ مون کيس چيو ته ان جو ڪو امڪان ئي نه آهي. ان موقعي تي ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز ڳالهائيندي چيو ته پي ڊي ايم ننڍي اليڪشن ۾ ڪوڙي حڪومت جي لاءِ رستو کليل نه ڇڏيندي. سينيٽ اليڪشن جي لاءِ ڳالهيون اڃان هلندڙ آهن جڏهن وقت ويجهو ايندو ته فيصلا ڪنداسين. هن چيو ته پي ڊي ايم ۾ جيڪڏهن سڀني جو  اتفاق ٿيندو ته سينيٽ چونڊون وڙهنداسين ۽ جيڪڏهن نه ٿيندو ته نه وڙهنداسين، لانگ مارچ لاءِ موسم ۽ پنهنجي ڪارڪنن کي به ڏسڻو آهي. ننڍي چونڊ ۾ پي ڊي ايم جو گڏيل اميدوار به ٿي سگهي ٿو پر اڃان ان تي ڳالهيون نه ٿيون آهن.  حڪومت کي گهر موڪلڻ عوام جو ڪم آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو