138

پروفيسر بشير احمد چنڙ جي خون سان انصاف ڪڏهن ٿيندو؟؟

ليکڪ: انجنيئر ظهير احمد چنڙ

دنيا جي عظيم شاعر شيڪسپيئر چيو آهي ته دنيا هڪ اسٽيج آهي، جتي هر ماڻهو هڪ ڪلاڪار آهي، هر ماڻهو اچي ٿو ۽ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ هليو وڃي ٿو پر ڪي ماڻهو پنهنجي پويان عظمت جا اهڙا اڻ مٽ نشان ڇڏي ويندا آهن جو دنيا کين هميشه ياد رکندي آهي، ڪنڊيارو مان علم جي لاٽ کڻي نڪتل ۽ سڄي سنڌ کي علم ادب سان روشن ڪندڙ پروفيسر بشير احمد چنڙ به اهڙن ڪردارن مان هڪ آهي، 2 جنوري 2012ع اهو منحوس ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن اسان کان اسان جو محسن ماما پروفيسر بشير احمد چنڙ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو، ان وقت آئون ڪنڊيارو پريس ڪلب ۾ صحافتي ذميواريون نڀائي رهيو هئس، جڏهن ڀاءُ ڪال ڪري ماما جي شهادت جو اطلاع ڏنو، اهڙي اطلاع سان منهنجي مٿان ڄڻ وڄ ڪري پئي، کن پل سڪتي ۾ اچي ويس، ماما جو مڙهه سنڌ يونيورسٽي کان اباڻي ڳوٺ سومر چنڙ آندو ويو، جتي سوين آلين اکين سان کيس مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو، ماما جي تڏي تي شهيد بشير خان قريشي سميت سنڌ جون وڏيون شخصيتون آيون هيون، سڀني ڌرين قتل واري واقعي جي نندا ڪئي ۽ قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جي گهر ڪئي، پر اڄ 8 سال ٿي ويا آهن پر ماما جي خون سان انصاف نه ٿي سگهيو آهي، پروفيسر بشير احمد چنڙ سومر چنڙ جي ڳوٺ ۾ نيڪ مرد حاجي محمد دائود چنڙ جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ بنيادي تعليم به اتي ئي حاصل ڪئي، هن پنهنجو سفر ڳوٺ کان شروع ڪيو ۽ تعليم پرائي اڳتي اچي سنڌ يونيورسٽي ۾ پروفيسر ٿيو، ۽ انتظامي عهدن تي به پنهنجون ذميواريون نڀائيندو رهيو، ان سان گڏوگڏ هن پنهنجي ڳوٺ کي نه وساريو ۽ نوجوان توڙي پنهنجي عزيزن جي تعليم جي ميدان ۾ ڪافي همٿ افزائي ڪندو رهيو، هو غريب شاگردن جي به مدد ڪندو هو، هو مڪمل طور تي تعليم دوست ماڻهو هو، هن جو وڏي ۾ وڏو مقصد تعليم ۾ سڌارا آڻڻ هو ۽ ان مقصد تي قائم رهيو ۽ ان عظيم مقصد جي بنياد تي هن کي شهيد ڪيو ويو هو.ماما پروفيسر شهيد بشير احمد چنڙ کي اڄ اسين سڀ ياد ڪري رهيا آهيون، هو اسان جي لاءِ ڇپر ڇانو هو، اسان جي امڙ جيجل جيڪا ماما پروفيسر شهيد بشير احمد چنڙ جي وڏي ڀيڻ آهي، جيڪا کيس اڄ به ياد ڪندي نير وهائي ٿي ۽ هوءَ ان صدمي ۾ اڪثر بيمار رهي ٿي، ماڻهوءَ جي زندگي ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا حادثا ايندا آهن جيڪي جيءَ کي جهوري ويندا آهن، اها ڪهڙي ڀيڻ هوندي جيڪا پنهنجي بهادر ڀاءُ جي وڇوڙي بعد سُک سان ساهه کڻندي. پنهنجي عظيم ڀاءُ جي وڇوڙي جو درد اڄ به سندس اکين ۾ آلاڻ جي صورت ۾ موجود آهي، سندس دادلي، جرئت مند ۽ بهادر ڀاءُ ۽ اسان جي مامي جي اوچتي شهادت امڙ جيجل جو جيءُ جهوري وڌو آهي، ۽ زبان تي ڀاءُ جي باري ۾ ڪي به لفظ ٻڌي سندس اکين جا بند ٽٽي پون ٿا، شل رب سائين اسان تي رحم ڪري، اسان جي خاندان کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪري ۽ مامي جي روح کي جنت ۾ اعليٰ مقام درجات بلندي ڪري. شهيد هميشه زندهه هوندا آهن، اسان جو مامو زندهه آهي ۽ رهندو، ماڻهن جا واتان هن جي عظمت، بردباري ۽ بهادريءَ جون ڳالهيون ٻڌندي هن جي ڀاڻج هجڻ تي فخر محسوس ٿيندو آهي، خدا تعاليٰ هن جي اولاد ۾ پٽ ۽ ڌيئرن ۾ محبت قائم رکي ۽ اسان کي هن جي ڇڏيل ۽ رهيل مشن کي پوري ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. ماما شهيد بشير احمد چنڙ جو وڇوڙو اسان جي سڄي ڪٽنب لاءِ وڏو سانحو آهي، جنهن کي 8 سال گذري چڪا آهن، اسان اڄ به اهو مطالبو ورجايون ٿا ته شهيد جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو