131

سگا گمبٽ شاخ جو سماجي خدمتن۾ڪردار…!!

ليکڪ: ”راز“علي گل ڀٽو

(سگا) سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سماجي خدمتن جي کيتر ۾ ملڪي ۽ عالمي سطح تي سنڌ جي مڃيل سماجي تنظيم آھي، جنھن جو بنيادي جوڙ جس سماجي خدمتن جي ٻن شعبن تعليم ۽ صحت تي ٻڌل آھي، جيئن ته اسان جو ملڪ ٽئين دنيا جي ملڪن جي قطار ۾ اسرندڙ ملڪ آھي، جنھن ۾وري سنڌ صحت ۽ تعليم جي ميدان ۾ اڃا  به گھڻو پوئتي آھي، ان کوٽ کي محسوس ڪندي 1970ع جي ڏھاڪي جي شروعات ۾ سنڌ جي ڪن سڃاڻ ۽ ھڏڏوکي سماج سيوڪن ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ھالا کان ڪراچيءَ تائين گڏجاڻيون ڪري ”سگا“ نالي سماجي ڪارج واري ھڪ تنظيم پنھنجي مدد پاڻ تحت جي اصول تي قائم ڪري ورتي، 10،15 ماڻھن جي قائم ڪيل ھن عوامي ڀلائي واري تنظيم جا 50 سال گذرڻ کانپوءِ ھينئر سنڌ ۽ ملڪ ۾ 7 ھزارن کان مٿي ميمبر آھن، جيڪي پنھنجي وت ۽ وس آھر تعليم ۽ صحت جي ميدان ۾ عوامي خدمتون سرانجام ڏئي رھيا آھن، ان سلسلي ۾ ١٩٧٨ع ڌاران گمبٽ جي ڪجھه سماج سيوڪن سگا مرڪز جي منظوري ۽ تعاون سان سگا جي شاخ قائم ڪري عوامي  خدمت جو ڪم شروع ڪري ڏنو، شروع ۾عام ميمبرن سان گڏ تاحيات ميمبر به ٿيا، جيڪي ھاڻي 55 جي انگ تائين پهتا آھن، ھينئر ڪل ميمبر ١٧٠ آھن ۽ 85 بيباڪ ميمبر آھن، شروع ۾ سگا گمٽ شاخ جي آفيس عزيز بوڪ ڊيپو جي سامھون ۽ نوراني مسجد جي پويان شيخ پاڙي ۾ھئي ۽ اڄڪلهھ ڪورٽ روڊ تي آھي، مرحوم استاد غلام رسول ميمڻ، مرحوم تاج محمد پنھور وڪيل، پروفيسر سيد علي رضا شاهه ”رضا“جيلاني، خان محمد شيخ، غوث بخش شيخ، شبير احمد کوھارو، فيروزالدين ميمڻ، استاد مولا بخش ناريجو، استاد سيد شرف علي شاهه، شير خان کھڙو بنيادي ميمبرن ۾شامل ھئا جن مقامي سطح تي تعليم ۽ صحت جي  ميدان ۾خدمت جي شروعات ڪئي، جنھن ۾ سرڪاري اسڪولن ۾غريب شاگردن ۾درسي ڪتاب ۽ اسڪولي وڳا ورھايا ويا، جيڪو خدمتن جي حوالي سان  سلسلو ”سگا“ جا رضاڪار اڄ سوڌو جاري رکيو پيا اچن ۽ سرڪاري اسڪولن جي صفائي سٿرائي، تعليمي معيار ۽ استادن جي حاضري جاچڻ لاءِ دورا ڪيا ويندا آھن ۽ معاشري ۽ عملدارن جي تعاون سان مسئلا حل ڪرايا ويندا آھن، سرڪاري اسپتالن ۾ غريب ۽ بي پھچ مريضن سان سھڪار ڪري سندن رھنمائي ۽ مدد ڪئي وڃي ٿي، سگا گمبٽ شاخ سماجي حلقن ۾سٺي ساک ۽ سڃاڻپ رکي ٿي، شروع کان وٺي ھيل تائين شاخ تنظيم جي سالياني مرڪزي ڪنوينشن ۽ سالگرهه جي ميڙاڪن ۾ وفد وٺي پابنديءَ سان شريڪ ٿيندي رھي آھي، جنھن عمل سان سماجي سيواڪارن جي ميل جول ۽ تجربن جي مٽاسٽا وارو مقصد حاصل ٿئي ٿو، شاخ جي قائم ٿيڻ کان ھيل تائين شاخ جا 42 عام اجلاس ٿيا آھن، 215 ڪاروباري ڪاميٽيءَ جون گڏجاڻيون ٿيون، جن ۾ شاخ جي ڪارڪردگيءَ ۽ رٿابنديءَ تي غور ويچار ٿيندو رھيو، مقامي سطح تي ٻين سماجي تنظيمن ۽ مقامي عملدارن سان عوامي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ سھڪار ۽ ويجھو رابطو رکيو وڃي ٿو، سگا مرڪز جي تعاون سان پنج ٻارڙين جي تعليم جا ڪميونٽي اسڪول کوليا ويا، جن کي ڪاميابيءَ سان ھلائي کين لکڻ پڙھڻ جي لائق ڪري سندون ڏنيون ويون، ڪميونٽي اسڪولن مان سوين ٻارڙين لاڀ حاصل ڪيو، شاخ پاران ڪجهھ مھينن لاءِ شام جو بالغن جي تعليم جا ڪلاس به ھلايا ويا، جن مان به سوين بالغن بنيادي تعليم حاصل ڪئي، ١٩٩٤ع ۾سگا مرڪز جي تعاون سان ٽن ڏينھن جو مرڪزي ڪنوينشن به گمبٽ شاخ پاران يادگار نموني ڪوٺايو  ويو، جنھن ۾ مرڪزي چونڊون به ڪرايون ويون، ھي سڄو ميڙاڪو مراد ھاءِ اسڪول گمبٽ ۾ ٿيو، شاخ پاران ھيل تائين طھرن جون ٻه مفت طبي ڪئمپون لڳايون ويون، جنھن مان 200 غريب ٻارن جا طھر ڪرايا ويا، ان کانسواءِ چار چمڙيءَ جي بيماريءَ جون مفت طبي ڪئمپون لڳايون ويون، جن ۾چار ھزار مريضن کي کاڌ خوراڪ ۽ دوائون ڏنيون ويون، جڏهن ته 5 هيپاٽائيٽس ۽ مٺن پيشابن جي مرض جي علاج لاءِ مفت طبي ڪئمپون به لڳايون ويون، جن ۾ سماج ۽ مرڪز جي سھڪار سان ساڍا چار ھزار مريضن کي دوائون ڏنيون ويون جڏھن ته بدين ۾ آيل سامونڊي ٻوڏ ۽ طوفان متاثرن لاءِ امدادي ڪئمپ وسيلي لٽي، ڪپڙي، کاڌ خوراڪ ۽ دوائن جي شڪل ۾ ساڍا 4 لک رپين جو سامان گڏ ڪري انهن کي درن تائين پهچايو ويو، جڏهن ته سنڌو نديءَ ۾ وقت بوقت ايندڙ ٻوڏ متاثرن لاءِ به مختلف موقعن تي طبي ڪئمپون لڳائي کاڌ خوراڪ جو سامان ورهايو ويو، ثقافتي ڏهاڙا ملهايا ويا، مختلف موضوعن تي سيمينار ۽ ليڪچر ڪرائڻ سان گڏ مقامي سياسي ۽ سماجي شخصيت شهيد مخدوم رفيق احمد کان روشن تارا هاءِ اسڪول لاءِ 10 هزار فوٽ پلاٽ مفت ۾ حاصل ڪيو ويو، جنهن تي تعميراتي ڪم به شروع آهي، پر مالي کوٽ سبب رڪيل آهي، روشن تارا اسڪول گمبٽ پنهنجي اڏاوت لاءِ مخير ماڻهن جي سهڪار جو منتظر آهي، ڇو ته هن اسڪول ۾ سستي ۽ معياري تعليم ڏني ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو