189

2020ع ۽ آمنه جو ڇرڪ…!!

ليکڪ: شازيا مظھر

30 ڊسمبر 2020ع جي  رات جا 2 ٿي رھيا ھئا. ان وقت اڍائي مھينن جي ننڍڙي آمنھ منھنجي ڀرسان ستل ھئي. اوچتو گھٽيءَ ۾ ڪنھن آوارا ڪتي جي ڀونڪڻ تي ھوءَ ڇرڪ ڀري اٿي پئي ۽ روئڻ لڳي، آمنھ کي ڀاڪر پائي، پيار ڪري سمھاري ڇڏيم. آمنھ تھ وري سمھي پئي پر منھنجي اکين مان ننڊ پري ھلي وئي. مختلف قسم جون سوچون منھنجي دماغ ۾ گردش ڪرڻ لڳيون، سوچڻ لڳيس تھ 2020ع جو پورو سال بھ رات جي خاموشي ۾ ڪنھن جانور جي ڀوائتي آواز جيئان اسان کي ڇرڪائيندو رھيو آھي، 2020ع ۾ روز ڪا نھ ڪا ڇرڪائيندڙ خبر اسان کي حساس ئي نھ پر گھڻو ڪري زندگيءَ کان مايوس ڪري ڇڏيو آھي، سوشل ميڊيا تي روز ڪنھن پياري جي موت جي خبر موت جي ويجھو ڪري ڇڏيو آھي. ھر انسان جي زندگيءَ ۾ ڪجهھ اھڙا سال ايندا آھن جن کي ھو پنھنجي زندگيءَ جا سٺا يا منحوس سال چوندو آھي. پر سال 2020ع پوري عالم ِ انسانيت لاءِ منحوس سال قرار ڏئي سگھجي ٿو. ھونءَ تھ سياسي، معاشي ۽ سماجي لحاظ کان بھ گذريل سال ڪو بھترين سال نھ رھيو آھي پر صحت جي حوالي سان بھ خطرناڪ سال رھيو آھي. هڪ ڏينهن اڳ گذري ويل بڻيل سال ۾ دنيا جا ڪيترائي ملڪ مختلف سياسي، سماجي ۽ قدرتي مشڪلاتن ۽ آفتن جو شڪار رھيا آھن. اولهه بنگال ۾ گذريل سال صديءَ جو خطرناڪ سائڪلون به ڇرڪائيندڙ واقعن مان ھڪ آھي. ھن قدرتي آفت ڪيترن ئي ماڻھن کي بي گھر ڪيو ۽ ڪيترن ئي ماڻھن جون زندگيون ڳڙڪائي ڇڏيون. يقين سان چئي سگھان ٿي تھ گذريل سال گھڻن کي ئي پنھنجا عقيدا مٽائڻ تي پڻ مجبور ڪيو ھوندو، گھڻن کي آمنھ جيئان ڇرڪڻ تي مجبور ڪيو ھوندو. معمولي بخار بھ ماڻھو کي ڇرڪائي ڇڏي ٿو تھ ڪٿي اسان لاءِ بھ سوشل ميڊيا تي اسان جي موت جي خبر نھ لکجي اچي.  چوندا آھن تھ جڏھن خدا پنھنجي بندن کان ناراض ٿيندو آھي تھ ھو مختلف آفتون عذاب جي صورت ۾ نازل ڪندو آھي ۽ ماڪڙ بھ انھن آفتن ۾ شمار ٿيندي آھي، جنھنجو ذڪر قرآن شريف ۾ ھن ريت آھي ”پوءِ اسان انھن فرعونن تي طوفان، ماڪڙ ۽ جونءِ ۽ ڏيڏر ۽ رت ھي سڀ معجزا موڪليا پوءِ بھ ھنن تڪبر ئي ڪيو ۽ ھو گنھگار ھيا“. 2020 ۾ ماڪڙ جھڙي آفت انڊيا، آفريڪا ۽ پاڪستان کانسواءِ ٻين ملڪن ۾ بھ تباھي پيدا ڪئي، جنھن سان تمام گھڻو نقصان رسيو.  ھي خطرناڪ سال پوري دنيا کي وقفي وقفي سان ڇرڪائيندو رھيو آھي. آسٽريليا جي ٻيلن ۾ باھ سبب تقريبن 435 ماڻھو سڙي مري ويا ۽ چار ھزار کان وڌيڪ ماڻھو اسپتالن ۾ داخل ٿيا.  جڏھن تھ 500 ملين کان مٿي جانور سڙي مري ويا. 9 مئي 2020 ۾ انڊونيشيا ۾ تباھي مچائيندڙ ٻوڏ ڪيترن ئي ماڻھن کي ڳڙڪائي ڇڏيو. گذريل منحوس سال ۾ جھازن جي ڪرڻ ۽ وسندڙ عمارتن جي زمين ۾ دفن ٿيڻ جي واقعن اسان جي دل کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آھي. ھاڻي اھا ڪمزور دل گھٽيءَ ۾ ڀونڪندڙ ڪتي کان بھ ڊڄي ويندي آھي. گذريل سال جو سڀ کان ڀوائتو روپ  ھڪ اھڙو وائرس بھ رھيو آھي جنھن انسان جھڙي طاقتور ۽ ذھين مخلوق کي بھ لاچار ڪري ڇڏيو آھي. هن نظر نه اچڻ  واري جراثيم ڪروڙين، اربين نھ پر کربين ماڻھن کي بيوس ڪري ڇڏيو آھي.ان بابت مختلف قياس آرايون به پيش ڪيون ويون تھ ھي آمريڪا جي سازش آھي يا وري بل گيٽس ھن بيماري کي پنھنجي گندي مقصد لاءِ پوري دنيا ۾ پکيڙي ڇڏيو آھي تھ جيئن ھو ويڪسين جي ذريعي دنيا جي انسانن تي حڪمراني ڪري سگھي. جيئن ڪرسٽوفر مارلو جي مشھور ڊرامي ڊاڪٽر فاسٽس ۾ شيطاني قوتن جي ذريعي  سڀ ڪجهه پنھنجي وس ۾  آڻڻ ٿي چاھيو. هن سال اسان کان اسان جا جاني جدا ڪيا آھن. اھي ماڻڪ موتي ھميشھ لاءِ اسان کان پري ڪري ڇڏيا جن جو جيون اسان لاءِ جوت ٻاري اسان ۾ اتساھ پيدا ڪندو رھيو آھي. 2020ع کي ڪڏھن بھ وساري نھ سگھبو. ڏک، درد ۽ غمن جو ھي سال ھميشھ ياد رھندو. ھي اھو بد نصيب سال آھي، جنھن اسان کان سنڌ جا سھڻا ماڻھو  کسي ٻئي جھان موڪلي ڇڏيا. انھن ماڻھن ۾ نثار صديقي، جنھن تعليم لاءِ پنھنجو پاڻ وقف ڪري ڇڏيو ھو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو 48 سالن ۾ ھن ظالم سال جي ھٿ چڙھي ويا. ڪمال ڄامڙو ھڪ جفاڪش ۽ محنتي استاد ھئڻ سان گڏ سنڌ ٻولي جا بھترين اديب ۽ محقق پڻ ھئا جنھن ھر فورم تي سنڌي ٻولي لاءِ آواز اٿاريو ۽ تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي جو شعبو قائم ڪرڻ لاءِ ڀرپور جاکوڙ ڪئي. سائين رسول بخش درس بھ ھن سال جي آخر ۾ اسان کان ھميشھ لاءِ وڇڙي ويا. ايتري تائين جو ھن سال ويندي ويندي حميد پارس بھ اسان کان کسي ورتو.  ان ئي سال سنڌي ادب جي ليجينڊن حميد سنڌي، تاريخ جي وڏي ڄاڻون سنڌ جي عاشق ۽ سنڌ جي تاريخ کي دنيا جهان جي ڪتابن مان چونڊي ترجمو ڪندڙ سائين عطا محمد ڀنڀرو، ناميارو استاد، عالم ۽ ڀٽائيءَ جو پارکو قلندر شاهه لڪياري، ٻوليءَ جو وڏو عالم غلام علي الانا، پاڙيسري ملڪ جا ليجينڊ اداڪار عرفان خان ۽ چاڪليٽي هيرو رشي ڪپور به کسيا، اھڙي ريت ڪيتريون ئي  عالمِ دين ۽ سماجي ڀلائي واريون شخصتيون ھن سال ۾ اسان کان جدا ٿي ويون. ھن سال حساس ماڻھن سان گڏ عام ماڻھن کي بھ حساس بڻائي ڇڏيو آھي. منفي سوچون مثبت سوچن تي غالب ٿي ويون آھن. ڀوءُ ڏيندڙ 2020 جو ھي سال انگريزي ناول 1984 جي  اڻ ڏٺل ڪردار  بگ برادر وانگر اسان تي نظرون ڄمائي بيٺو رھيو تھ اسان ڇاٿا ڪريون ۽ ڪيئن اسان سزا جا حقدار ٿا ٿيون. پر رب مان اميد لاھڻ اسان سکي ئي نھ آھي. دعا آھي تھ 2021ع پوري ڪائنات لاءِ امن ۽ آشتي ۽ خوشين وارو سال ثابت ٿئي. اچو تھ دلين مان نفرتون، ٻيائيون ۽ ساڙ ختم ڪري پاڻ محبتون ورھايون. رشتن ۾ پيدا ٿيل ناراضگيون ۽ ويڇا ختم ڪري پاڻ ۾ پرچڻ جون ڳالھيون ڪيون.

ڪر پچار پرچڻ جي ڇڏ رسڻ جي ريت

جاني تنھنجي جيت، مون ھٿ ٻڌي ھارائيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو