167

سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙن جي روڪٿام لاءِ قدم کنيا وڃن….

ايڊيٽوريل

سنڌ اندر سالن کان هلندڙ قبيلائي جهيڙا انتهائي خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ويا آهن ۽ روز ڪنهن نه ڪنهن علائقي ۾ اهڙن جهيڙن سبب هڪ طرف انساني حياتيون ضايع ٿي رهيون آهن ته ٻئي طرف انهن علائقن ۾ امن امان  جو مسئلو پڻ وڌي رهيو آهي، خبرون آهن ته ڪنگري تعلقي ۾ اوڍا، ڀٽا ۽ ناريجا برادرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار وڌيڪ ٻن ڄڻن جون حياتيون کسي ورتيون آهن، رپورٽن مطابق ڳوٺ حاجي مهرل ناريجو واسي مولا بخش ناريجو ۽ علي حسن ناريجو ڳوٺ ٻاهران ڪڻڪ جي فصل کي پاڻي ڏيڻ لاءِ نڪتا ته تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن ٻنهي ڄڻن کي اغوا ڪرڻ بعد گوليون هڻي قتل ڪيو ۽ فرار ٿي ويا، فائرنگ تي ناريجا برادري جي ماڻهن پڻ هٿيار کڻي جوابدارن جو پيڇو ڪيو پر اهي نڪري ويا، حد جي پوليس ٽن ڪلاڪن بعد مقتولن جا ايمبولينس ۾ کڻائي پيرڳوٺ اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيا آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته 4 سال اڳ هڪ ڌاڙيل جي مارجڻ بعد شروع ٿيل تڪرار ۾ ٽنهي ڌرين جا هن وقت تائين 13 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن، جن ۾ پوليس اهلڪار پڻ شامل آهن، جڏهن ته 2 ڏينهن اڳ جيڪب آباد ضلعي جي ڳڙهي خيري تعلقي ۾ پڻ اوڍا جکراڻي تڪرار تان هٿياربندن هٿان ديري تي ويٺل چڱي مڙس 50 ورهين جي عبدالغفار جکراڻي کي قتل ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي، ٻارڙن وچ ۾ ڪرڪيٽ راند جي معمولي ڳالهه تان ٿيل اوڍا-جکراڻي جهيڙي ۾ به هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 12 ڄڻا مارجي چڪا آهن، جڏهن ته اهڙا جهيڙا سنڌ جي تقريبن هر ضلعي ۾ مختلف برادرين اندر هلندڙ آهن پر انهن ۾ شڪارپور، جيڪب آباد ۽ خيرپور ضلعن اندر صورتحال وڌيڪ خطرناڪ آهي، شڪارپور ۽ خيرپور اهڙا ضلعا آهن، جن جون نه صرف حدون ملن ٿيون پر ٻنهي ضلعن جا ڪچا به هڪٻئي سان ملن ٿا ۽ هلندڙ جهيڙن سبب اتي بدامني جو نه کٽندڙ راڄ آهي، جنهن راڄ ۾ قانون کي خلل وجهڻ جي جرئت به نه ٿي ٿئي، نه صرف ايترو پر ڄاڻايل ضلعن اندر چونڊيل نمائندا توڙي چڱا مڙس اهڙن جهيڙن جي خاتمي لاءِ ڪو به قدم نٿا کڻن.

ڏٺو وڃي ته اهڙن جهيڙن جو بنيادي سبب قانون جو ڪمزور هجڻ ئي آهي، ڇو ته جيڪڏهن قانون هڪ ڪرو ٿي سمورن ڏوهارين خلاف اثرائتا قدم کڻي ۽ اهڙن ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي بروقت گرفتار ڪري سزائون ڏياريون وڃن ته ڏوهن تي ڪنٽرول ٿي سگهي ٿو پر بدقسمتي سان اسان وٽ ڪيترن ئي خونن ۾ ملوث ڏوهاري سرعام آجا گهمي رهيا آهن، 5 ڏينهن اڳ خيرپور جي ئي سوڀيديري تعلقي ۾ سامٽيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ جهيڙي تان پيرسن کي وچ شهر ۾ هٿياربند آساني سان قتل ڪري فرار ٿي ويا پر اتي پوليس جو ڪو پاڇو  به نظر نه آيو، پر ان کان وڌيڪ ڇرڪائيندڙ ڳالهه اها آهي ته 2 سال اڳ به ان مقتول پيرسن جو نوجوان ڀاءُ قتل ڪيو ويو هو، جنهن جو ڪيس داخل هجڻ باوجود ٻن سالن ۾ پوليس ڪو به جوابدار گرفتار نه ڪيو ۽ نيٺ انهن وڃي ٻيو خون به ڪري ڇڏيو ۽ پوليس جي سستي مان لڳي ٿو وري به قاتل گرفتار نه ٿيندا، خيرپور جو عوام هن وقت پوري طرح سان پوليس ۽ ڏوهارين جي رحم ڪرم تي آهي، هڪ طرف پوليس بيگناهه ماڻهن کي کنڀي لاڪ اپ ۾ قتل ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف ڏوهاري مست هاٿيءَ وانگر ماڻهو ماري رهيا آهن، لڳي ائين ٿو ته هيءَ ضلعو ڪو غير علائقو آهي، جتي قانون نالي ڪا به شيءِ نه آهي، اسان سنڌ حڪومت کي اها گذارش ڪرڻ ۾ حق بجانب هونداسين ته فوري طور تي سخت کان سخت قدم کڻي نااهل ۽ سست بڻيل پوليس کي چست ڪري قبيلائي جهيڙن ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت آپريشن ڪيو وڃي ۽ اهڙن ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي سياسي وفادارين کان هٽي ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي جيئن بيگناهه انسانن جون حياتيون بچائي سگهجن ۽ صوبي جو امن امان پڻ بحال ڪري سگهجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو