222

ٻانڌيءَ ۾ 2 سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو ڪهاڙين جا وار ڪري قتل، جوابدار گرفتار

ٻانڌي (ويب ڊيسڪ) ٻانڌي ۾ 2 سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ ڦل واسي جوڙي کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪيو ويو آهي. رپورٽن مطابق ٻانڌي ۾ 2 سال اڳ پيار پرڻو ڪندڙ جوڙي سڪندر شاهه ۽ ساجده جانوري کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪيو ويو آهي، سندن لاش بلاول ڪالوني واري رهائشگاهه تان هٿ آيا، اطلاع تي پوليس پهچي مقتولن جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، جيڪي ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا. پوليس مطابق جوڙي طرفان پسند جو پرڻو ڪرڻ تان ناري جا وارث ناراض هئا، جنهن تان واقعو پيش آيو آهي، قتل ۾ ملوث جوابدارن اصغر علي ۽ اسلم جانوري کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو