راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته جيڪو به پاڪ فوج ۽ ٻين ادارن خلاف ٻولي استعمال ڪندو ان خلاف 72 ڪلاڪن اندر ڪارروائي ٿيندي. راولپنڊي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي کٽي وئي ۽ پي ڊي ايم هارايو، پيپلز پارٽي پي ڊي ايم کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. پ پ پ چيئرمين بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد جو چوڻ هو ته بلاول سمجهدار آهي، هن سٺو کيڏيو آهي، هو پنهنجي لاءِ سٺو رستو ڪڍڻ وڃي رهيو آهي. پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان بابت سندس چوڻ هو ته مولانا جا ستارا گردش ۾ آهن، ان جي سياست ڌڪجي وئي آهي، جيڪو سياستدان ڳالهين لاءِ دروازو کليل ناهي رکندو اهو گهٽ عقل رکندڙ هوندو آهي، مولانا صاحب اسلام جون ڳالهيون ڪري، اسلام آباد جو خواب ڏسڻ ڇڏي ڏئي. هن چيو ته نواز شريف جو پاسپورٽ 16 فيبروري تي ختم ٿي رهيو آهي، ان جي مدي ۾ واڌ نه ڪئي ويندي. هن چيو ته چين ۽ افغانستان جو مينوئل ويزا ختم ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته هڪ ڏينهن اندر 2 لک آن لائين درخواستون آيون آهن. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ 8 لک غيرقانوني طور افغاني رهي رهيا آهن، جن مان 2 لک افغانين جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪري چڪا آهيون. هن چيو ته سج اوڀر بدران اولهه کان نڪري سگهي ٿو پر عمران خان سرينڊر نٿو ڪري سگهي، عمران خان حڪومت ڇڏي سگهي ٿو پر اين آر او نه ڏيندو، جيڪڏهن حڪومت جو ڪو ميمبر به ڪرپشن ڪري ٿو ته ان خلاف به ڪارروائي ٿيندي.
