اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ پوليس شڪي گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو آهي. اساما ستي پنهنجي دوست کي شمس ڪالوني جي علائقي ۾ ڇڏي واپس اچي رهيو ته جي ٽين واري علائقي ۾ اينٽي ٽيررسٽ اسڪواڊ جي اهلڪارن سندس گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هن موقعي تي ئي دم ڏنو. پوليس ترجمان مطابق پوليس ڪاري شيشي واري گاڏي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڊرائيور گاڏي نه روڪي، پوليس جي ٽين تائين سندس پيڇو ڪيو، ان باوجود گاڏي نه روڪڻ تي گاڏي جي ٽائرن تي فائر ڪيا ويا، بدقسمتيءَ سان گاڏي هلائيندڙ کي گوليون لڳيون. آءِ جي اسلام آباد واقعي جو نوٽيس وٺي جاچ ٽيم جوڙي ورتي آهي، جڏهن ته واقعي ۾ ملوث 5 پوليس اهلڪارن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.
180