ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ جي ڊي اي اڳواڻن وچ ۾ اهم ملاقات ٿي آهي، جنهن دوران فنڪشنل ليگ پنهنجي خدشن کان پي ٽي آءِ وفد کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف ملير ۽ سانگهڙ جي سيٽن تي حمايت گهري ورتي آهي، ملاقات ۾ فنڪشنل ليگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ۽ جي ڊي اي جي طلاعٿات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم، ايم پي اي نند ڪمار گوڪلاڻي، جڏهن ته پي ٽي آءِ پاران فردوس شميم نقوي، ايم پي اي حليم عادل شيخ، خرم شير زمان ۽ ٻيا شامل هئا. ملاقات کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ فردوس شميم نقوي جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ 13 سالن کان جيڪو عوام تي ظلم ٿي رهيو آهي ان جي خاتمي لاءِ سمورين پارٽين کي اڳتي اچڻو پوندو، سنڌ جي ٽن سيٽن تي ننڍي چونڊ ٿي رهي آهي، جتي جنهن پارٽي جو اميدوار مضبوط هوندو اتي ان جي سپورٽ ڪئي ويندي. ان موقعي تي سردار عبدالرحيم جو چوڻ هو ته اهم گڏجاڻي ٿي آهي، ننڍي چونڊ جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون آهن، عمرڪوٽ ۾ ارباب رحيم جي ڊي اي ۽ اتحادين پاران مضبوط اميدوار آهي، ميدان خالي نه ڇڏڻ گهرجي، سانگهڙ ۽ پي ايس 88 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ تي به اتحاد جون ڳالهيون ٿيون آهن، ايم ڪيو ايم کان به مطالبو ڪريان ٿو ته ننڍي چونڊ بابت مضبوط موقف رکي.
