164

ذڪي الرحمان لکوي دهشتگردن کي فنڊ ڏيڻ واري الزام هيٺ گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي دهشتگردي ٽوڙ واري کاتي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي ممبئي حملي واري سازش جي مک جوابدار ذڪي الرحمان لکوي کي دهشتگردن کي فنڊ ڏيڻ واري الزام هيٺ گرفتار ڪري ورتو آهي. پابندي مڙهيل تنظيم لشڪر طبيه جو ڪمانڊر ذڪي الرحمان لکوي جماعت الدعوه جي سربراهه حافظ محمد سعيد جو ويجهو ساٿي آهي، سي ٽي ڊي لاهور ٿاڻي تي داخل دهشتگردن کي فنڊ ڏيڻ واري ڪيس جي نتيجي ۾ سندس گرفتاري عمل ۾ آئي. مٿس الزام آهي ته ڊسپينسري هلائڻ جي آڙ ۾ هو دهشتگردي لاءِ فنڊ جمع ڪندو رهيو، جيڪو فنڊ دهشتگرد ڪاررواين سميت ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪندو رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو