160

وزيراعظم اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اسمگلنگ سبب ملڪي معيشت کي سخت نقصان رسي رهيو آهي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ اسمگلنگ روڪڻ وارن قدمن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري وزير عبدالحفيظ شيخ، اطلاعات واري وزير شبلي فراز، واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص صلاحڪار شهزاد اڪبر، وقار مسعود خان، ايف بي آر چيئرمين ۽ اعليٰ سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اسمگلنگ ٿيندڙ تيل جي وڪري وارن معاملن تي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ شامل ٿيندڙن کي ٻڌايو ويو ته هن وقت ملڪ ۾ 2094 پيٽرول پمپ اسمگلنگ ٿيل تيل جي وڪري ۾ ملوث آهن، اسمگل ڪيل تيل سان ملڪ جي معيشت کي هڪ سئو کان 150 ارب رپيا ساليانو نقصان ٿي رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اسمگلنگ سبب ملڪي معيشت کي سخت نقصان رسي رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو