172

ايل اين جي مهانگي: 35 ارب نقصان کانپوءِ حڪومت پاليسي تي نظرثاني شروع ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سياري ۾ بار بار دير سان ٽينڊر ڪري ايل اين جي مهانگي خريد ڪندڙ ۽ غلطي مڃڻ کان انڪار ڪندڙ حڪومت 30 ارب نقصان کانپوءِ  پنهنجي پاليسي تي نظرثاني شروع ڪري ڇڏي آهي. رپورٽن مطابق پيٽروليم واري وزارت اپريل لاءِ ايل اين جي خريد ڪرڻ جي سلسلي ۾ 3 مهينا اڳ 31 ڊسمبر تي ئي اشتهار ڏئي ڇڏيو آهي، ان کان اڳ وزيراعظم جو صلاحڪار نديم بابر پنهنجي غلطي مڃڻ کان انڪار ڪندو رهيو آهي. سياري ۾ مهانگي ايل اين جي خريد ڪرڻ سبب پاڪستان کي نه رڳو 35 ارب کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي پر جنوري جي پهرين 20 ڏينهن لاءِ ايل اين جي جي سپلائرز آئي ئي ناهي. ايل اين جي نه ملڻ سبب عوام گئس جي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته مخالف پارٽيون ان معاملي تي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائي رهيون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو