169

سنڌ يونيورسٽي جو تڪراري بڻيل سينڊيڪٽ جو اجلاس ڪوروم پورو نه هجڻ سبب ملتوي

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي جو تڪراري بڻيل سينڊيڪٽ جو اجلاس ڪوروم پورو نه هجڻ سبب ملتوي ڪيو ويو آهي. سنڌ يونيورسٽي جي فيصلائتي اعليٰ قانون واري اداري سينڊيڪٽ جي اهم اجلاس ۾ گهربل 12 ميمبرن مان رڳو 8 ڄڻا پهتا، سنڌ يونيورسٽي انتظاميا اجلاس جي ڪارروائي شروع ڪرڻ لاءِ ميمبرن کي فون ذريعي منٿون ڪندي رهي، 21 ميمبرن مان به رڳو 8 ميمبر اچڻ سبب اجلاس کي ملتوي ڪيو ويو، جنهن جي تصديق سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار ڊاڪٽر امير علي ابڙو ڪئي آهي. سينڊيڪٽ جو  اجلاس سڏائڻ تان سنڌ يونيورسٽي انتظاميا ۽ سوٽا ۾ سخت اختلاف سامهون آيا هئا، جڏهن ته ملازمن جي تنظيم سيوا به اجلاس بابت پنهنجا خدشا ظاهر ڪيا هئا.  ان سلسلي ۾ سوٽا اڳواڻ پروفيسر عرفانه ملاح جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي وائيس چانسلر واري مدي ۾ ڪجهه ڏينهن بچيا آهن، کيس سينڊيڪيٽ جو اجلاس سڏائڻ جو ڪو حق ناهي، سينڊيڪيٽ قانون ساز ادارو آهي، اڄ جي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلا ايندڙ 3 سالن لاءِ لاڳو هجن ها، جنھنڪري انهيءَ جي مخالفت ڪئي. عرفانه ملاح وڌيڪ چيو ته چئن سالن دوران ٿيندڙ سينڊيڪيٽ جي اجلاسن ۾ ڪڏهن به شھيد بينظير ڀٽو هائوسنگ سوسائٽي ۾ پلاٽ جي ايجنڊا شامل نه هئي، اڄ جي اجلاس ۾ پنھنجا نوازي جا فيصلا هئا. رابطو ڪرڻ تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جو چوڻ هو ته افسوس ٿيو جو  اڄ سينڊيڪيٽ جي اجلاس ۾ ميمبر نه پهتا، ڪنھن کي اختلاف هئا ته اجلاس ۾ شامل ڪري ها، پلاٽ فقط ملازمن جا آهن، اجلاس ۾ ان تي بحث ڪرڻ سان گڏ ڪانٽريڪٽي ملازمن کي پڪو ڪرڻ جي ايجنڊا شامل هئي، مون کي پلاٽ وٺڻو هجي ها ته چار سال ٿيا آهن اڳ ئي وٺي سگهان پيو، جن کي يونيورسٽي جا پلاٽ مليا آهن انهن جي به مخالفت ڪيان ٿو. وي سي چيو ته گاڏي جي اجازت بابت سينڊيڪيٽ ۾ اڳ ئي قرارداد پاس ٿيل آهي، جيڪو هر وي سي جو قانوني حق آهي، سنڌ جون پبلڪ يونيورسٽيون يرغمال بڻيل آهن، جن اڄ اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو انهن ئي استادن کي يرغمال بڻايو، اسان چار سال يونيورسٽي جي بھتري لاءِ ڪم ڪيو، خالي هٿين آيو هئس ۽ خالي هٿين وڃان پيو. وي سي چيو ته يونيورسٽي جي بھتري لاءِ غيرجانبدار فيصلا ڪيا، ڪنھن جي چوڻ تي نه هليو آهيان، يونيورسٽي مون لاءِ مقدس آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو