273

ڄامشورو ۾ ٽلٽي واسڻ بيواهه عورت جو احتجاج، حملو ڪري زخمي ڪندڙن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) 12 ڏينهن اڳ ڀان سيد آباد ۾ مبينا حملي ۾ زخمي ٿيل ٽلٽي واسڻ بيواهه ڪرن سومرو جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي ڄامشورو ۾ احتجاج ڪيو آهي. ڪرن سومرو احتجاج ڪندي پاڻ سان ٿيل ناانصافيءَ تي لڙڪ لاڙيندي رهي ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ وڏي وزير کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي رهي. ٽلٽي واسڻ بيواهه ڪرن سومرو جو چوڻ هو ته مڙس اشفاق سومرو جي لاڏاڻي کانپوءِ ڏيرن واحد بخش ۽ قاسم سومرو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، مڙس جي وفات کانپوءِ ساهرن گهران ڪڍي ڇڏيو، اڪيلي پٽ ريحان جي انشورنس پاليسي جا پئسا ڪڍرائڻ کان به روڪيو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته پٽ ريحان جي انشورنس پاليسي جا پئسا ڪڍرائڻ لاءِ ڀان سيد آباد ويس ته ڄاڻايل ڏيرن ساٿين سميت حملو ڪري ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، مسلسل دانهن ۽ احتجاج کانپوءِ ڪالهه جمعي ڏهاڙي سول اسپتال حيدرآباد کان ڀان سيد آباد ايڌي ايمبولينس ذريعي گهرائي ڪيس داخل ڪيو ويو پر اڃا تائين جوابدار گرفتار ناهن ڪيا ويا. هن چيو ته آئون سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي تڪ جي آهيان، هو مون کي انصاف ۽ تحفظ ڏياري. هن چيو ته ڏير منهنجي ۽ منهنجي پٽ ريحان جي جان جا ويري بڻجي ويا آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽش ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه نوٽيس وٺي انصاف ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو