228

گھوٽڪي ڀرسان 3 گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون، 2 ڄڻا فوت، 2 زخمي

گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) گھوٽڪي ڀرسان 3 گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽن مطابق گهوٽڪي ڀرسان نيشنل هاءِ وي تي ٻن ٽرالرن سميت ٽن گاڏين وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ بڊاڻي واسي اسلم سانگي ۽ گهوٽڪي واسي شبير راجپوت فوت ٿي ويا، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو