اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي 8 نرسن کي دنيا جي 100 بهترين نرسن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ويمن ان گلوبل هيلٿ طرفان صحت واري عالمي اداري، يونائيٽڊ نيشن پاپوليشن فنڊ، نرسنگ نائو، انٽر نيشنل ڪائونسل آف نرسنگ ۽ انٽر نيشنل ڪنفيڊريشن آف مڊ وائيز جي گڏيل صلاح مشوري سان دنيا جي 100 بهترين نرسن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي، دنيا جي 100 بهترين نرسن کي اهو اعزاز طبي شعبي ۾ خاص ڪري عالمي وبا ڪورونا دوران خدمتون سرانجام ڏيڻ تي ڏنو ويو آهي، پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب گلوبل 100 آئوٽ اسٽينڊنگ نرسز اينڊ مڊوائيز لسٽ ۾ پاڪستاني نرسن جو شامل ٿيڻ فخر جي ڳالهه آهي.
