شهدادپور (ن سوڀ) آثار قديمه جي حوالي سان سانگهڙ ضلعو تاريخي حيثيت رکي ٿو، هتي ڪيترائي قديمي ماڳ موجود آهن، جن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ انھن قديمي ماڳن تي قبضا ٿي رھيا آھن، اسان کي قديمي ماڳن جي مالڪي ڪري قبضن ٿيڻ کان بچائڻو پوندو، سنڌ حڪومت جي ڪوششن سان سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي هنڌن سميت سنڌ جي سڀ کان وڏي قديمي ماڳ برهمڻ آباد تي پڻ ٻيهر کوٽائي وارو ڪم جاري آهي، جڏهن ته ٻين هنڌن جا پڻ مطالعاتي دورا ڪيا پيا وڃن. اهڙو اظهار برهمڻ آباد تي کوٽائي ڪندڙ ٽيم جي سربراهه ڊاڪٽر غلام محي الدين ويسر شهدادپور ۾ سنڌ جي عظيم ڪردار مائي سهڻي جي مزار، ڦوٽل شاهه جي ڀڙي، سون چڙي ڀڙي۽ ميهار جي ڀڙي جي مطالعاتي دوري دوران ڪيو. ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سانگهڙ ضلعو هڪ وڏي قديمي تاريخي رکندڙ ضلعو آهي، هتي برهمڻ آباد سميت ٻيا به ڪيترائي قديمي ماڳ موجود آهن جن تي پڻ ڪم ڪيو ويندو. مائي سهڻي جي مزار جي حوالي سان هن چيو ته مزار جي خوبصورت مرمت ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي پر هاڻي ان مزار جي مرمت جي سخت ضرورت آهي، قديمي ماڳ ڦوٽل شال جي ڀڙي جي حوالي سان هن چيو ته هي هڪ تاريخ رکندڙ ماڳ آهي ھن مان جيڪي ٺڪر جا ٿانوَ، سرون ۽ ٻيون شيون مسلم دور جون آھن جنهن تي پڻ ڪم ڪيو ويندو، ملدسي لڳ تاريخي ۽ قديمي ماڳ سون چڙي ڀڙي جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته هي هڪ تاريخي قديمي ڀڙو آهي جنهن جي مٿاڇري تان ئي 1 يا 2 صدي عيسوي جي سرن ۽ ڀڳل ٿانون ٺڪرن جو پتو پئجي رھيو آھي، هن چيو ته هي سون چڙي ماڳ هڪ وڏي تاريخي حيثيت رکندڙ برھمڻ آباد کان پراڻو ۽ قديمي ڀڙو لڳي رھيو آهي ھن جي مٿاڇري تان ھٿ آيل ڀڳل ٿانوَ ۽ ڀڳل سرون برھمڻ آباد جي ھيٺئين تھه مان ملي رھيون آھن، ميھار جي ڀڙي کي مڪمل ختم ڪري صرف نشان ڇڏي آبادي ڪئي وئي آھي، تاريخي ڪردار سھڻي جي مزار ۽ قبرستان قديمي ۽ تاريخي ماڳن سون چڙي ڀڙو ۽ ڦوٽل شاھ ڀڙو تي ڏينھون ڏينھن قبضن جي ور چڙھي ميسارجي ختم ٿي رھيا آهن، هنن قديمي ماڳن جي کوٽائي بعد ئي ان جي وڌيڪ تاريخ بابت پتو لڳائي سگهجي ٿو. ان موقعي تي ساڻس شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي آرڪيالاجي شعبي جي ٽيم، آچر خاصخيلي، عاشق حسين ساند، غلام عباس ساند، مهدي پنهور، حبيب الله ساند، غلام عباس ٻگھيو، نواب ساند ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا.
277
great work