حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ڀرسان پيرسن جو سڙيل لاش هٿ آيو آهي، جڏهن ته علائقي ۾ چوٻول آهن ته پيرسن رڌ پچاءَ دوران باهه لڳڻ سبب سڙي فوت ٿيو آهي. حيدرآباد ڀرسان پنهور ڳوٺ ۾ 55 ورهين جي پيرسن نواز علي جو لاش سندس گهر مان هٿ آيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو. علائقي واسين موجب پيرسن گهر ۾ اڪيلو رهندو هو، صبح جو ناشتو تيار ڪري رهيو ته چلهه مان کيس باهه وڪوڙي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو سڙي فوت ٿي ويو آهي.
