206

آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس جو مدو ختم ٿي ويو، پي ٽي آءِ کي خبر هئي ته پارليامينٽ ۾ اڪثريت نه هجڻ سبب آرڊيننس منظور نه ٿيندو: سنڌ حڪومت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس جو مدو ختم ٿي ويو آهي، پي ٽي آءِ کي خبر هئي ته پارليامينٽ ۾ اڪثريت نه هجڻ سبب آرڊيننس منظور نه ٿيندو، تنهنڪري آرڊيننس کي پارليامينٽ ۾ پيش نه ڪيو ويو، اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب ڪيو. ڪراچي ۾ پرس ڪانفرنس ڪندي اظهار سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته ڏنگي ۽ ڀنڊار سوڌو سمورا ٻيٽ صوبائي حڪومت جي ملڪيت آهن، آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس جو مدو ختم ٿي ويو آهي، پي ٽي آءِ کي خبر هئي ته پارليامينٽ ۾ اڪثريت نه هجڻ سبب آرڊيننس منظور نه ٿيندو، تنهنڪري آرڊيننس کي پارليامينٽ ۾ پيش نه ڪيو ويو. مرتضيٰ وهاب اسٽيل ملز واري معاملي تي وفاق کي ايندڙ هفتي خط لکڻ جو اعلان ڪندي چيو ته آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي کي گهٽ ڏيکارڻ جا ثبوت موجود آهن، اميد ته متحده آدمشماري واري معاملي تي سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪندي. هن چيو ته سنڌ ۾ جيلن ۽ قيدين بابت نئين قانون تي عمل شروع ٿي ويو آهي، نئين قانون تحت بيمار قيدي کي 4 هفتن لاءِ رليف طور آزاد ڪيو ويندو، هاڻي پوليس ايف آءِ آر جي بنياد تي گرفتاريون نه ڪري سگهندي، ثبوت ملڻ کانپوءِ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو