219

جيڪو قانون حق ڦٻائي مان تنهن کي نٿو مڃان، ووٽ چور ۽ جعلي حڪومت سان ڳالهيون نه ٿينديون: مولانا فضل الرحمان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جيڪو قانون حق ڦٻائي مان تنهن کي نٿو مڃان، ووٽ چور ۽ جعلي حڪومت سان ڳالهيون نه ٿينديون. لاهور  ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته ووٽ چور ۽ جعلي حڪومت سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون، ناجائز حڪومت استعيفيٰ ڏئي نئين سر چونڊن جو اعلان ڪري، حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ پي ڊي ايم اڳ کان وڌيڪ پرعزم آهي. هن چيو ته ڳالهين جا دروازا بند نه ٿيڻ گهرجن پر جعلي حڪومت سان ڳالهين جا ڪي به امڪان ناهن، نواز شريف علاج لاءِ پرڏيهه ويو پر کيس اشتهاري قرار ڏنو ويو، پرويز مشرف به اشتهاري آهي ان خلاف ڪارروائي جو ڇا ٿيو؟ هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته جي يو آءِ ۾ ڀڃ ڊاهه نه پر ڇانٽي وارو عمل شروع ٿي ويو آهي. هن چيو ته اسان اسيمبلي ميمبرن کان استعيفائون گهريون جيڪي ملي ويون آهن، اسان 31 جنوري تائين استعيفيٰ جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏني آهي، اڃا 31 جنوري ناهي آئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو