پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه حڪومت دليپ ڪمار ۽ راج ڪپور جي گهرن کي خريد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڀارتي ليجنڊ اداڪارن دليپ ڪمار ۽ راج ڪپور جي گهرن کي خريدڻ لاءِ 2 ڪروڙ 35 لک کان وڌيڪ رقم جاري ڪئي وئي آهي. آثار قديمه واري کاتي دليپ ڪمار ۽ راج ڪپور جي گهرن کي قومي ورثو قرار ڏيندي ان کي خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان ليجنڊ اداڪارن جي گهرن کي خريد ڪرڻ لاءِ 2 ڪروڙ 35 لک جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. راج ڪپور جي گهر جي قيمت ڏيڍ ڪروڙ ۽ دليپ ڪمار جي گهر جي قيمت 80 لک مقرر ڪئي وئي. ڊائريڪٽر آرڪيالاجي ڊاڪٽر عبدالصمد مطابق ليجنڊ اداڪارن جي گهرن کي خريدڻ کانپوءِ انهن کي عجائب گهر ٺاهيو ويندو، وڏي وزير سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جلد ئي اڏاوت شروع ڪنداسين.
209