182

بابر اعظم نيوزيلينڊ خلاف ٻئين ٽيسٽ مئچ نه کيڏندو، محمد رضوان ٽيم جي قيادت ڪندو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم نيوزيلينڊ خلاف ٻئين ٽيسٽ مئچ نه کيڏندو، سندس جاءِ تي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان 3 جنوري کان هيگلي اوول ۾ کيڏجندڙ مئچ ۾ پاڪستان جي قيادت ڪندو. ڪرائسٽ چرچ پهچڻ تي بابر اعظم گذريل ڏينهن مڪمل نيٽ سيشن ڪيو، ان دوران کيس هٿ جي آڱوٺي ۾ هلڪو سور محسوس ٿيو، جنهن کانپوءِ ٽيم مئنيجمينٽ ڪوبه خطرو نه کڻڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو ته بابر اعظم نيوزيلينڊ خلاف ٻئين ٽيسٽ مئچ نه کيڏندو، سندس جاءِ تي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان 3 جنوري کان هيگلي اوول ۾ کيڏجندڙ مئچ ۾ پاڪستان جي قيادت ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو