143

اسلام آباد ۾ بيگناهه شاگرد جي قتل جو ذميوار ڪير آهي؟: مريم نواز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويل بيگناهه شاگرد جي قتل جو ذميوار ڪير آهي؟ پنهنجي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ مريم نواز جو چوڻ هو ته رات جو محنت مزدوري ڪري پنهنجي گهر وارن لاءِ حلال جي روزي ڪمائي ايندڙ هن بيگناهه شاگرد جي قتل جو ذميوار ڪير آهي؟ انساني جان جي حرمت جيئن گذريل اڍائي سالن کان پائمال ٿي رهي آهي ان جو مثال نٿو ملي، ان کان وڌيڪ بيوس حڪومت پاڪستان ۾ اڄ تائين ناهي ڏٺي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو