ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 12 مريض فوت ٿيا آهن جڏهن ته فوتين جو ٽوٽل انگ وڌندي 3594 تائين پهچي ويو آهي ۽ 13886 ٽيسٽ ڪرائڻ سان 1004 نوان ڪيس ظاهر ٿيا جنهن کانپوءِ مثبت ڪيسن جو ٽوٽل انگ 217636 ٿي ويو آهي. وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 12 مريض فوت ٿيڻ سان فوتين جو ٽوٽل انگ وڌندي 3594 تائين اچي پهتو آهي جيڪا فوتين جي شرح جو 1.7 سيڪڙو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 13886 نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1004 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي موجوده تشخيصي شرح جو 7.2 سيڪڙو آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 2386310 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جنهن جي نتيجي ۾ 217636 ڪيسز پڌرا ٿيا آهن جن مان 90.3 سيڪڙو يعني 196677 صحتياب ٿيا جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 543 مريض پڻ شامل آهن. مراد علي شاهه چيو ته هن وقت 17365 مريضن جو علاج جاري آهي جن ۾ 16548 گهرن ۾، 12 آئسوليشن سينٽرن ۽ 805 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 726 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي ۽ انهن مان 77 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. مراد علي شاهه چيو ته 1004 نون ڪيسن مان 843 ماڻهو ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع ڏکڻ 306، ضلع اوڀر 266، ضلع سينٽرل 142، ضلع ملير 64، ضلع ڪورنگي 56 ۽ ضلع اولهه 9 ڪيس آهن. هن وڌيڪ چيو ته حيدرآباد 35، بدين 13، خيرپور 10، مٽياري ۽ سانگهڙ 8-8، لاڙڪاڻو ۽ سکر 7-7، گهوٽڪي، جيڪب آباد ۽ شڪارپور 6-6، ٽنڊو اللهيار 4، ڄامشورو 5، نوشهرو فيروز 3، شهيد بينظير آباد 2 ۽ عمرڪوٽ هڪ ڪيس آهن. سنڌ جي وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڀريو آهي ته ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.
173