189

گئس جي فراهمي واري مسئلي کي حل ڪرڻ تائين ايل اين جي مڪس استعمال ڪرڻ گهرجي: عارف علوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معذور ماڻهن کي معاشري جو حصو بڻائڻ ۽ مارڪيٽ ۾ نوڪرين جي قابل بڻائڻ لاءِ ضروري فني مهارت ۽ صلاحيت وڌائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته اسان کي خصوصي ماڻهن کي خيرات بدران حق ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ بزنس چيمبر جي ميمبرن سان هڪ اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته برآمدي صنعتن لاءِ خام مال پيدا ڪندڙ صنعتن کي پڻ شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن انهن کي ترجيحي بنيادن تي توانائي فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته گئس جي فراهمي جي مسئلي کي حل ڪرڻ تائين ايل اين جي مڪس به استعمال ڪرڻ گهرجي. هن خصوصي ماڻهن کي ضروري مهارت فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي صنعت جي مختلف شعبن ۾ روزگار جي موقعن جي قابل بڻائڻ لاءِ تربيتي مرڪزن سان رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري (ڪٽي) هنر فائونڊيشن سان خصوصي ماڻهن جي لاءِ خصوصي فني ڪورسز ڊيزائن ڪرڻ جي لاءِ تعاون ڪري رهي آهي ته جيئن انهن کي نوڪرين جي قابل بڻائي سگهجي. ان موقعي تي خاتون اول بيگم ثمينه عارف چيو ته هو ان سلسلي ۾ واپار ۽ صنعت جي مختلف چيمبرز جو پڻ دورو ڪندي. ڪاروباري وفد ۾ ڪي سي سي آءِ جو صدر شارق وهرا، ڪٽي جو صدر سليم الزمان، سائيٽ جو صدر عبدالهادي ۽ ٻيا شامل هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو