185

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 53 مريضن دم ڏنو، 2272 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جا هاڃا جاري آهن، وبا وگهي وڌيڪ 53 مريضن دم ڏنو آهي، جڏهن ته 2272 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 44392 نيون ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن دوران 2272 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي، جڏهن ته وبا وگهي وڌيڪ 53 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو