اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ پوليس پاران گوليون هڻي قتل ڪيل نوجوان اساما جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي. رپورٽن مطابق چيف ڪمشنر اسلام آباد دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ جي سيڪشن 19 تحت پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان اساما جي موت جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي ورتي آهي، جنهن کي جلد جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن مطابق جي آءِ ٽي جو سربراهه ايس پي صدر سرفراز ورڪ هوندو، ڊي ايس پي ٿاڻو رمنا، ڊي ايس پي انويسٽيگيشن ۽ ايس ايڇ او ٿاڻو رمنا کانسواءِ آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ آءِ بي جو هڪ هڪ نمائندو به جي آءِ ٽي ۾شامل هوندو.
157