187

سعودي عرب سرحدون کولي ڇڏيون، انٽرنيشنل اڏامون به بحال

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب پاران سرحدون کولڻ کانپوءِ انٽرنيشنل اڏامون به بحال ٿي ويون آهن. رپورٽن مطابق ڪورونا وائرس جي نئين صورت اچڻ کانپوءِ سعودي عرب پرڏيهي ملڪن جي اچ وڃ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي هئي، جيڪا هاڻي ختم ڪئي وئي آهي، جنهن سان گڏ ئي انٽرنيشنل اڏامون به بحال ٿي ويون آهن. سعودي گهرو وزارت مطابق صحت واري وزارت پاران جاري ڪيل رپورٽ کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪيو ويو آهي ته هاڻي سرحدون بند ڪرڻ واري فيصلي ۾ وڌيڪ واڌ جي ضرورت ناهي ان ڪري سموريون انٽرنيشنل اڏامون بحال ڪيون وڃن ۽ سامونڊي رستن کان به اچ وڃ بحال ڪئي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو