ليکڪ: ڊاڪٽر امير علي چانڊيو
رياست جي ذميواري هوندي آهي ته پنهنجن شهرين جي مال ۽ جان جي حفاظت ڪري ۽ گڏو گڏ شهرين جي ڀلائي خاطر پنهنجو ڪردار ادا ڪري ماڻهن جي زندگي آسان بڻائڻ خاطر فلاحي ادارا قائم ڪري ۽ پنهنجي گرفت قائم ڪرڻ لاءِ ادارن جوڄار پکيڙي، بهترين حڪمراني ۽ نظم و ضبط قائم ڪرڻ لاءِ رياست تنظيم سازيءَ جو هڪ مضبوط خاڪو تيار ڪري اهو لاڳو ڪندي آهي، جنهن سان بهتر حڪمراني ۽ عوام کي سروسز مهيا ڪيون وينديون آهن. هيئنر دنيا ڪيترن ئي ملڪن ۽ رياستن ۾ ورهايل آهي ۽ هر هڪ رياست جو پنهنجو انتظامي خاڪو آهي ۽ پر ڪجهه فيڪٽر (جزا) سڀني رياستن ۾ ساڳيا هوندا آهن جيئن سڀئي رياستون انتظامي يونٽن ۾ ورهايل آهن جن ۾ سڀني کان اهم انتظامي طور تي ضلعن جي جوڙ جڪ آهن. اڄوڪي دور ۾ دنيا ٻن رياستي قسمن ۾ ورهايل آهي هڪ واحداني unitary ۽ ٻيو وفاقي Federal رياستون، پر اسان کي ضلعي انتظاميا District Administrationٻنهي قسم جي رياستن ۾ ملندي، پر فرق اهو آهي ته واحداني طرز ۾ مرڪزي حڪومت جو (ڊائريڪٽ) سڌو سنئون ڪنٽرول هوندو آهي ۽ جڏهن ته وفاقي رياستن ۾ وفاقي يونٽ خود مختيار ۽ آزاد هوندا آهن ۽ ضلعا انهن جي ماتحت هوندا آهن. ضلعو هڪ اهڙو انتظامي يونٽ آهي جنهن جي ذريعي سان ئي رياست پنهنجن قانونن تي عمل ڪرائيندي آهي. ۽ ان ضلعا انتظاميا جي معرفت ئي حڪومت عوام تائين سهولتون پهچائيندي آهي، سو بنيادي طور تي ضلعو انتطامي مرڪز جي حيثيت رکي ٿو. ضلعو وري وڌيڪ تعلقن، سرڪل، تپن ۽ ديهن ۾ ورهايل هوندو آهي ان سڄي جوڙجڪ وسيلي ئي انتظام هلايو ويندو آهي، مطلب ته ضلعا حڪومتي رٽ قائم ڪرڻ لاءِ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ ۽ عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ گڏو گڏ روينيو اوڳاڙي به ڪندا آهن. اهڙي طرح هر رياست ۾ ضلعي انتظاميا جا ڪم ۽ پاور جدا جدا هوندا آهن، ايتري قدر جو هڪ وفاقي رياست جي يونٽن يعني رياستن ۽ صوبن ۾ به انتطامي فرق هوندو آهي پر سڀني ۾ هڪ نقطو ساڳيو آهي، اهو آهي ضلعي جو سربراهه DC مڙني ضلعي ادارن جو سربراهه هوندو آهي، ضلعي ۾ جيڪي به ادارا ڪم ڪندا آهن انهن جا پنهنجا پنهنجا سربراهه هوندا آهن، پر مجموعي طور تي انهيءَ سڄي ضلعي جي ذميواري ضلعي سربراهه يعني ڊي سي تي هوندي آهي. جن کي ڪجهه ملڪن ۾ ڊپٽي ڪمشنر ته ڪجهه جڳهن تي ڊپٽي ڪليڪٽر يا ٻين نالن سان سڏيو ويندو آهي. مثال طور پوليس کاتو هر ضلعي جي حدن اندر امن امان جي بهتري لاءِ ذميوار هوندو آهي. ۽ ان جو ضلعي آفيسرز SP هوندو آهي، جنهن جي ذميواري هوندي آهي ته ڏوهن تي ضابطو آڻي پر تنهن هوندي به ضلعي سربراهه ڊي سي کي ان سڄي صورتحال تي نظر رکڻ ۽ نگراني رکڻ جو اختيار ۽ ذميواري هوندي آهي، اهڙي طرح صحت جي حوالي سان ضلعي هليٿ آفيسر يا سول سرجن ضلعي جو سربراهه هوندو آهي۽ مجموعي طور تي حڪومت طرفان قائم ڪيل ضلعي اندر تعلقي اسپتالن رورل هيلٿ سينٽر ۽ بنيادي صحت مرڪز به هن جي ماتحت هوندا آهن ۽ ان جي نگراني جا اختيار به ڊي سي کي هوندا آهن. اهڙي طرح ضلعي اندر ڪم ڪندڙ ٻين ادارن جهڙوڪ تعليم زراعت ۽ ٻيا جيڪي به پبلڪ جا ادارا ضلعي جي حدن اندر ڪم ڪن ٿا ايتري قدر جي جيڪي به پرائيويٽ ادار ڪارخانه وغيره هوندا آهن انهن جي نگراني به ضلعي انتظاميا ڪري سگهي ٿي، اهڙي طرح سان ضلعي ۾ عدليا جو هڪ پنهنجو انتظامي سرشتو موجود آهي، جنهن سان عوام کي انصاف مهيا ڪرڻ لاءِ سيشن ڪورٽ، ايڊيشنل سيشن سول مئجسٽرٽ ڪورٽ جو هڪ سرشتو ضلعي ۾ ڪم ڪندو آهي مطلب ته ضلعي ۾ هڪ اهڙو انتظامي ڍانچو هوندو آهي جنهن سان بهتر حڪمراني ۽ عوام کي سهولتون در تائين پهچائڻ جو نيٽ ورڪ وڇايل آهي، جنهن لاءِ اهو سچ ثابت ٿيو آهي ته وڌيڪ ضلعا وڌيڪ سهولتون ڇو ته هڪ ضلو ٺاهڻ سان ان ۾ ضلعي سطح تي ڪم ڪندڙ ادارن جون آفيسون ٺهنديون، جنهن سان عوام جي آفيسن تائين پهچ سولي ٿيندي آهي ۽ ساڳئي طرح ضلعي انتظاميا کي عوام تائين سروسز مهيا ڪرڻ ۽ حڪومتي رٽ قائم ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي آهي، اسان جي ملڪ جي آئين مطابق صوبي کي اهو حق مليل آهي هو ضلعي حدن اندر ڦير ڦار ڪري يا هڪ ضلعي کي ٽوڙي ان مان وڌيڪ ضلعا ٺاهي سگهي ٿو. ضلعن جو تعداد وڌائڻ مان مراد عوام کي وڌيڪ سروسز مهيا ڪرڻ ۽ انتظامي رٽ قائم ڪرڻ هوندو آهي مطلب ته ضلعن جو ٺهڻ بنيادي طور تي انتظامي هوندو آهي جنهن ۾ اڪثر ڪري ٻن نقطن کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي، هڪ آدمشماري ۽ ٻيو ايراضي يعني پکيڙ پر اسان جي ملڪ جي قانون ۾ انهن ٻنهن نقطن جي ڪا به حد بندي مقرر ٿيل ڪو نه آهي، ته ضلعي ۾ وڌ ۾ وڌ ڪيتري ۽ گهٽ ۾ گهٽ ڪيتري آدمشماري يا ايراضي هئڻ گهرجي.
***(هلندڙ) ***