163

قربان علي ميمڻ هڪ سچو صوفي ۽ ديش ڀڳت ڪردار…

ليکڪ: اياز ميمڻ

ڪائنات جي ڪاريگر، ھيءَ پنھنجي جيڪا جوڙ جوڙي آھي، ان ۾ انساني زندگي، سندس خوبصورت تحفو آھي. ھونئن ته باقي تخليقون ڏسي به عقل حيرت جو سبب بنجندو رھي ٿو، پر خود حضرت انسان، جڏھن پنھنجو پاڻ تي سوچي ٿو ته، عجب کائي اھو چوڻو پوي ٿو ته ”آئون رنگيءَ جو رنگ آھيان، آئون پاڻ ھڪ ڳجهه ۽ اسرار آھيان. آئون ڪنھن تخليقڪار جي تخليق آھيان، آئون پاڻ قدرت جو اھڙو نمونو آھيان، جنھن کي سمجھي چترڪار جو اندازو لڳائجي، آئون پاڻ پنھنجو پاڻ تي ويٺو ويچاريان ته مون کي ڪيئن ٺاھيو ويو آھي؟ ھيءَ ٻاجھاري جي ٻاجهه آھي، جو ھن اسان انسانن کي وجود ۾ آڻي، ان جي پرورش ۽ پالنا ھن ڌرتيءَ تي ڪئي آھي ۽ ان کان به وڌيڪ اسان تي آگي جا احسان آھن، جو اسان کي ڌرتيءَ تي”سنڌ” نالي ھڪ حصو عطا ڪيائين.سنڌ ڌرتي پنھنجي جڙاءَ کان وٺي، تخليق آدم تائين جڳن جا سفر طئه ڪيا آھن ۽ جڏھن پھريون انسان ھن جاءِ جلوه گر ٿيو، تڏھن اسان جي نسل جي آبياري ٿي. انساني علم جا ڄاڻو انھيءَ انساني سفر کي به ڪروڙين سالن جي ترتيبي پيماني ۾ ماپين ٿا.سنڌ ڌرتي به ڪيترن ئي زمانن جا پنڌ ڪري اتي پھتي آھي، جتي اڄ آھي ۽ سنڌ ڌرتيءَ تي رھندڙ انسان به ساڳي سِٽاءَ ۾ اڄ جي منزل تي پھتو آھي.سو سنڌ جي لطيف ۽ آفاق جي جوڙيندڙ لافاني پيغام ”وحدت الوجود“ جي فڪر جو پرچاري تسلسل اڄ به جاري ساري آھي ۽ سائين صوفي قربان علي ميمڻ، ان تصوفي فڪر کي ساڻ ڪري ھن جاءِ جنميو ھو، صوفي قربان علي ميمڻ پنھنجي اچڻ جي صدا 4 جنوري 1923ع تي سنڌوءَ ڪناري جي کاٻي ڪپ تي وسندڙ ھڪڙي ننڍڙي وستي ڳوٺ ٻڍل خان ميمڻ ۾ سومر خان ميمڻ جي گھر ۾ بلند ڪئي. ھيءَ ڪا ازلي ۽ بي انت نينھن نياپي جي ڪا ابتداءَ ھئي، جو ھن دنيا ۾ نئون ايندڙ ننڍڙو نينگر، ھڪ باغي روح جيان پاسا ورائي روئڻ لڳو ۽ لطيفي لطف ڏيڻ ۽ پنھون جي پار جا پيغام سڻائڻ کان پوءِ پتڪڙو جيون سڪون ۾ آيو.!!!صوفي قربان علي ميمڻ جا ابا ڏاڏا، جيئن ته بلاولي تحريڪ ۽ ان سان لاڳاپيل حيدر شاھ سنائي جي سنگ جا ساٿاري ھئا، تنھنڪري 16 صديءَ جي شروعات کان ئي، سندس خاندان انقلابي رولاڪين جو ھيراڪ بڻيو. ڪڏھن ڪٿي ڪڏھن ڪٿي!؟ ھيءُ عجب جو جھان آھي جو ماڻھوءَ کي پنھنجي ڪيپراٽيءَ ۾ ايندڙ”خيال” ۽”نه“ چوڻ  جي انڪاري سزا ھميشه رولاڪو بڻايو آھي. صوفي صاحب جو خاندان به بلاولي تحريڪ سان لاڳاپا رکڻ جي سزا طور شاھ بيگ ارغون ۽ سندس پٽ شاھ حسن ارغون جي ساٿارين ۽ حوارين جي عتاب ھيٺان رھيو.صوفي قربان علي ميمڻ، پنھنجو ننڍپڻ، ٻھراڙين جي عام ٻالڪ وانگر گذاريو، ميرا ڪپڙا، مٽي ھاڻو منھن، ھٿ ۾ کٻڙ جو چھبڪ ۽ اڳيان رڍن ٻڪرين جو ڌڻ… غربت، عذابن ۽ ڏکن ڏوجھرن ھن خاندان کي مصيبتن جي ور چاڙھي ڇڏيو ھو، پر پوءِ به ھن ننڍڙي ٻار پنھنجي ھمٿ نه ھاري، علم کان وانجھيل پنھنجي عزيزن ۽ مائٽن کي قائل ڪيو ته مونکي پڙھڻو آھي مائٽ ويچارا، آڻين ۽ چاڙھين ڏٿ ڏھاڙيءَ ۾ پورا، پر ھن ننڍڙي جي جائز خواھش ۽ ضرورت آڏو لاچار ٿيا، سو صوفي صاحب ھڻي تڻي، پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اچي ڳوٺ لقمان ڪوريجو ۾ پڙھيو، ڏکيا ڏينھن ڏور ٿيندا ويا، ھڪ تعليم پرائڻ سان دلچسپي ۽ ٻيو غير معمولي ھوشيار ھئڻ ڪري، پنھنجي قابل استادن جو ھميشه لاڏلو رھيو ۽ ائين سنڌي فائنل پاس ڪري وڃي پاڻ استاد ٿيو، نوڪري ملڻ کان پوءِ صوفي صاحب جي ويڙھي / گھر جو معاشي مسئلو ته ڪجھه حل ٿيو، پر صوفي صاحب کي، سندي روح ۾ جا ازلي عشق جي انسيت ھئي، سا کيس ڪٿي ٿي ماٺ ڪري ويھڻ ڏي!! پاڻ سدائين قالو بلا جي قول کي ورجائيندو رھيو، ھو ڪڏھن به ماٺو نه رھيو سندس سڄي زندگي ھڪ بي چين روح جيان ماڻھن جي خدمت ۽ حق جي تلاش ۾رھي.

جان جان ھئي جيئري، ورچي نه ويٺي،

 وڃي ڀونء پيٺي، سڪندي کي سڄڻين.(شاھه )

 حق، سچ جي ڳولا جي اھا منزل ھئي جو، پاڻ سڄيون راتيون ويھي، تھجد عبادت ۽ مراقبي ۾ گذاريندو ھو ۽ انساني خدمت جي انتھا ھئي، جوڪنھن به ماڻھو جو ڪو به مسئلو ھجي، پاڻ ان جي حل لاءِ سڀني کان اڳڀرو ھوندو ھو ۽ شايد انساني خدمت کي ڳچ وقت ڏيڻ سببان، ھو پنھنجي ذات جون ضرورتون به وساري ويٺو ۽ سڄي زندگي شادي نه ڪيائين. ڪن چواڻي ته ڪٿي عشق جي چوٽ لڳل ھيس، پر سڱ نه ملڻ ڪري، شادي تان ارواح ئي کڄي ويس. پاڻ سدائين مثبت حرڪت ۾ رھيو. اھا سياسي فيلڊ ھجي يا سماجي تعليم جو مسئلو ھجي. يا تر جي وڏيري جي ڪنھن غريب ھاري ۽ مظلوم سان زيادتي  ۽ ظلم ھو ھميشه جدوجھد ۾ رھيو.انگريز سرڪار جو زمانو ھئڻ ڪري، انگريزن خلاف سنڌ ۾ ھڪ دٻيل نفرت ۽ ھلچل ھلندڙ ھئي ۽ صوفي صاحب، پنھنجي ڦوھه جواني واري وقت ۾ انگريز مخالف”خاڪسار تحريڪ“ جو سرگرم ڪارڪن رھيو. توڙي جو ڪانگريس ۾ باقائده شموليت اختيار نه ڪيائين، پر پاڻ مهاتما گانڌيءَ جي عدم تشدد واري راهه راست جو قائل هو. اهو ئي سبب هو، جو جڏهن گانڌي هتي هالا ۾ جلسو ڪرڻ آيو ته صوفي صاحب ساڻن گڏ هو.صوفي قربان علي ميمڻ، جيئن ته پاڻ وڏو پاڙهو هو، ان ڪري مثنوي روميءَ جا فارسي شعر به پنهنجي ڪچهرين ۾  ورجائيندو هو.  شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو فارسيءَ ۾ لکيل ڪتاب “بيان العارفين و تنبيهه الغافلين” به هميشه پاڻ سان گڏ رکندو هو. بلاولي تحريڪ جي سرموڙ مخدوم بلاول جي ته دستِ مريديءَ ۾ هئا، ان ڪري مخدوم بلاول ۽ ان جي تحريڪ جو ذڪر ته همه وقت هوندو هو.

 صوفي قربان علي ميمڻ، سماجي سرگرمي ۾ ڳوٺاڻن جي مسئلن کي اوليتي بنيادن تي حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو ھو. پاڻ سدائين چوندو ھو ته بابا ! ھي سڀ لاچار، بيوس، نڌر ۽ نڌڻڪا ماڻھو اسان جا پنھنجا آھن. انھن ۾ فرق نه ڪريو، رواجي ۽ نصابي تعليم لاءِ ايترو پتوڙيندو ھو، جو پنھنجي پگھار ۽ خرچ جا پئسا به غريب، نادار ۽ بي پھچ ٻارن جي ڪتابن ۽ ٻين جائز ضرورتن تي خرچ ڪري ڇڏيندو ھو. پاڻ نون تعليمي ادارن کولڻ ۽ محروم ڳوٺن کي علم جي اکر کان آشنائي ڏيڻ لاءِ ڪوشان رھيو. سندس ڪوششن ۽ ڪاوشن جو نتيجو ھو، جو ڳوٺ ٻڍل خان ميمڻ ۾ پرائمري اسڪول منظور ٿيو. تعليم کي عام ڪرڻ واسطي ھو ھميشه سائين محمد عالم لغاري، غلام محمد ڪيريو ۽ ٻين ”علم عاشق ماڻھن“ سان سھڪاري رھيو،  صوفي قربان علي ميمڻ، ذڪر ڪيل مڙني سماجي مامرن ۾ جدوجھد ڪرڻ سان گڏو گڏ ھڪ لطيف شناس ۽ پنھنجي اندر جي ازلي عشق سان قول نڀائڻ حوالي سان تصوفي فڪر جي ”وحدت الوجود“ واري رنگ سان رليل ۽ رچيل رھيو. ھو ڪچھرين جو ڪوڏيو، اوطاقي انسان پنھنجي روايتي ڪچھرين ۾ سمورين سامعين ۽ حاضرين کي ”لطيفي ۽ بلاولي سنڌيت“ جو درس ڏيندو ھو. صوفي قربان علي ميمڻ پنھنجي حياتي ۾ سندس گھر واري چمن جي به آبياري ڪندو رھندو ھو. سڀني گھر ڀاتين جي ٻچن کي پنھنجو ٻچو سمجھي ورتاءَ ڪندو ھو. سڀني ٻارن کي تعليم ڏيارڻ ۽ سٺو، متحرڪ، باڪردار ۽ با اخلاق فرد بنائڻ ۾ ھن جو ھٿ رھيو. ڏٺو وڃي ته چاچا سائين صوفي قربان علي ميمڻ جي ڪري ئي ھي ڳوٺ، اسڪول ۽ ويڙھو باقي آھي.صوفي قربان علي ميمڻ پنھنجي سموري زندگي جدوجھد ۾ گذاريندي، 81 سالن جي ڊگھي ڄمار ماڻيندي 6 جولاءِ 2004 تي ھن فاني دنيا مان راھه عدم ڏانھن راھي ٿيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو