148

سدا آهي ساهه کي ڳڀي جي ڳولا..

ليکڪ: سڪندر بوزدار

نئون سال شروع ٿيندي ئي مهانگائي جي پيڙهيل عوام کي وفاقي حڪومت هڪ دفعو وري تيل جي قيمتن ۾ واڌ ڪري نئون تحفو ڏنو آهي، پيٽرول پهريون ڀيرو مهانگو ناهي ٿيو پر نئين سال جي موقعي تي ان جون قيمتون وڌائي عوام جي خوشين تي ڌاڙو هنيو ويو آهي، مارڪيٽ ۾ پيٽرول جي سرڪاري قيمت 106 رپيا في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پمپن تي ساڳيو پيٽرول 108 کان 110 رپيا في لٽر وڪرو ٿي رهيو آهي، موجوده حڪومت جي دور ۾ پيدا ٿيل مهانگائي جو طوفان ڏينهون ڏينهن سخت ٿيندو پيو وڃي، توڙي جو حڪومت جي اڍائي سالن جي دور ۾ ڪيترائي بحران ٻيا به آيا آهن، پر انهن سڀني ۾ سڀ کان وڏو بحران مهانگائي جو آهي، مهانگائي سبب ملڪ جي 65 سيڪڙو غريب عوام جو جيئڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، هوڏانهن وفاقي حڪومت نيب ذريعي مخالف ڌر جي اڳواڻن مٿان مختلف ڪيس پڻ ٺاهي رهي آهي ۽ انهن کي نيب عدالتن ۾ گهلو پيو وڃي ۽ دعويٰ اها ڪئي پئي وڃي ته مختلف پارٽين جا سياسي اڳواڻ ۽ انهن سان ويجهو رهندڙ بيوروڪريٽ ناجائز طريقي سان ڪرپشن ڪري چڪا آهن، عمران حڪومت اهو پئسو واپس ڪرائيندي ۽ ان حوالي سان مختلف سياسي اڳواڻن تي ڪيس پڻ هلي رهيا آهن ڪي اڳواڻ جيلن ۾ آهن ته ڪي ضمانتن تي آهن ۽ ڪيترن آفيسرن نيب سان پلي بارگين پڻ ڪئي آهي، روزاني ”سوڀ“ اخبار جي هڪ خبر مطابق سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي حڪومت کي پلي بارگين ڪندڙ اهڙن 500 آفيسرن کي هٽائڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته ملڪ جي چئني صوبن مان نيب ذريعي اربين کربين رپيا اوڳاڙيا ويا آهن ۽ اهي پئسا سرڪاري خزاني ۾ جمع پڻ ڪرايا ويا آهن، ان باوجود پي ٽي آءِ حڪومت جون مالي مشڪلاتون اڃا تائين ختم نه ٿيون ٿين، عمران حڪومت ڪيترائي ڀيرا ٻاهرين ملڪن جي سيڙپڪارن جي پاڪستان اندر سرمايو آڻڻ جي دعويٰ ڪئي آهي پر صورتحال ان جي ابتڙ آهي.ملڪ ۾ هڪ طرف ٻاهرين سيڙپڪاري نه هئڻ سبب معيشت ڪمزور ٿي رهي آهي ته ٻئي طرف حڪومت عوام کي خواب ڏيکارڻ لاءِ نت نون منصوبن جا خالي پلاءُ ڏئي رهي آهي، ملڪ جي عوام جو 70 کان 75 سيڪڙو بک هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي حڪمران طبقي کي اهو سمجهڻ گهرجي ته اوهان جيڪي ٻيٽن تي شهر اڏيو پيا يا جن ٻين منصوبن جا خواب ڏسي رهيا آهيو اهي فضول آهن، ڇو ته سڀ کان پهريان عوام کي ماني جي ضرورت آهي، جيستائين ماڻهو بکيو هوندو ان کي ڪهڙي شيءِ وڻندي، اسان جو عوام شيخ اياز جي هن شعر وانگر زندگي گذاري پيو ته؛

سدا آهي ساهه کي، ڳڀي جي ڳولا

ڍوَ بنا ڍوليا، ناهي ساڃهه سونهن جي.

نام نهاد جمهوري دور ۾ وڌندڙ مهانگائي سبب رپئي جي قيمت ۾ مسلسل لاٿ اچي رهي آهي، جنهن جو سڌيءَ ريت اثر عوام ۽ خاص ڪري پورهيت اڪثريتي طبقي مٿان پئجي رهيو آهي ۽ وڌندڙ مهانگائي سبب عام ماڻهو ٻن ويلن ته پري هاڻ هڪ ويلي جي مانيءَ لاءِ به پريشان آهي، وچولي طبقي لاءِ گهر کان ٻاهر نڪرڻ مشڪل آهي، اهو به هينڊ ٽو مائوٿ لڳو پيو آهي ۽ پنهنجي کل لڪائڻ ۾ پورو آهي، مٿانهون طبقو به جيتوڻيڪ مهانگائي جي ڪوڙي گوري ڳينهين رهيو آهي پر انهن جا حال به پورا لڳا پيا آهن، هن ملڪ ۾ جيڪڏهن مهانگائي ڪنهن طبقي تي اثر ناهي ڪيو ته اهو صرف حڪمران طبقو ئي آهي، ڇو ته وزيراعظم روز نه ڀاڄي وٺڻ وڃي ٿو، نه موٽرسائيڪل ۾ پيٽرول وجهرائي ٿو، نه ئي ان کي اٽي جو ڪلو وٺڻو پوي ٿو، نه ئي وري ان کي لائين ۾ بيهي بجلي جو بل پيارڻو هوندو آهي، ان ڪري کيس پٽاٽي، ٽماٽي، بصر ۽ دال جا اگهه به نه پڇڻا پوندا آهن، هن کي ته اها به خبر نه آهي ته سندس هائوس ۾ روزانو ڪيترو اٽو پچي ٿو، ڪيتري ڀاڄي اچي ٿي، ڪيترو آئل استعمال ٿئي ٿو، ڇو ته هتي هڪ روايت رهي آهي ته وڏن سياسي هائوسن جا خرچ يا ته انهن جا من پسند هلائيندا آهن يا وري سرڪاري خزاني مان هلندا آهن، اهي سڀ مصيبتون عام ماڻهو جي نصيب ۾ آهن ۽ اهو ئي ڀوڳي ٿو، تازي هڪ رپورٽ موجب پاڪستان هن وقت اهڙن ملڪن جي لسٽ اڳڀرو ٿيندو پيو وڃي جتي کاڌ خوراڪ جي کوٽ سبب موذي بيماريون انسانن کي وڪوڙي وڃن ٿيون ۽ اهي ڏينهون ڏينهن غربت جي لڪير کان هيٺ ۽ انتهائي هيٺ ٿيندا ويندا آهن، ملڪ توڙي سنڌ جي پٺتي پيل علائقن ۾ اڳ ئي صحت جون سهولتون اڻلڀ آهن، هڪ ته صحت مرڪز نه آهن ۽ جيڪي آهن انهن ۾ به سهولتون نه آهن، سنڌ ۾ ته اڪثر صحت مرڪز اين جي اوز حوالي ڪيا ويا آهن، جنهن کانپوءِ عام ماڻهن کي جيڪا اڳ ٽڪي ڦڪي ملندي هئي اها به بند ٿي وئي آهي، اين جي اوز وارا سڄي بجيٽ پنهنجي پيٽ تي کپائي رهيا آهن، عوام ڄاڻي ته الله ڄاڻي.ملڪ اندر ماءُ ۽ ٻار جي صحيح نموني نشو و نما نه ٿيڻ سبب ڪمزور ٻار پيدا ٿيڻ جو ريشو وڌي رهيو آهي ۽ اهي واقعا نه صرف اخبارن ۾ رپورٽ ٿيندا آيا آهن پر موجوده وزيراعظم جو اهو پسنديده موضوع به آهي، جنهن تي هو اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ڳالهائيندو رهندو هو پر هاڻ هن کان مائرون ۽ ٻارڙا وسري ويا آهن، تازي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ جا 34.7 سيڪڙو ماڻهو کاڌ خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن، ان ڪري انهن ۾ پروٽين ۽ آيوڊين جي سخت کوٽ آهي،ڏٺو وڃي ته ملڪ ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سوين ڀيرا اسيمبلين ۾ مهانگائي تي بحث به ٿيا آهن ۽ اهو اشو هائي لائيٽ به ٿيندو آيو آهي پر اڄ ڏينهن تائين مهانگائي جي خاتمي لاءِ موثر حڪمت عملي ڪنهن به سرڪار نه ٺاهي آهي، رڳو هڪٻئي تي الزام تراشيون ٿينديون رهيون، بنيادي طور تي ٿيڻ ته ائين گهرجي ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون ان حوالي سان ڪا گڏيل حڪمت عملي جوڙي غريب طبقي لاءِ ٻن ويلن جي ماني کي آسان بڻائي سگهن ٿيون، پر ان لاءِ اسان کي اهڙي قيادت جي ضرورت آهي، جنهن کي ذاتي مفادن کان ملڪ ۽ قوم جا مفاد عزيز هجن، وزيراعظم عمران خان جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ لڳي ٿو ته سندس هڪ ئي ايجنڊا آهي ته مخالف ڌر کي جيلن ۾ ڪيئن بند ڪجي، اڍائي سال هو رڳو الزام هڻندي ڪڍي ويو آهي ۽ لڳي ٿو ته اڳتي به هن جو ڪم ڪرڻ جو ارادو نه آهي ۽ هن صلاحڪارن جي فوج ئي ان لاءِ ڀرتي ڪئي آهي ته جيئن اهي پروپئگنڊا ڪن ۽ سندس وقت گذري وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو