ايڊيٽوريل
ملڪ ۾ انتهائي تڪراري بڻيل وفاقي حڪومت جي ٻيٽن بابت آرڊيننس جو مدو ختم ٿي ويو آهي، ٻي صورت ۾ پاڻ اهو چئون ته اهو معاملو پنهنجو پاڻ ئي دفن ٿي ويو آهي، وفاقي حڪومت سنڌ جي ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي شهر اڏڻ لاءِ هڪ صدارتي آرڊيننس جاري ڪيو هو، جنهن لاءِ حڪومت اها دعويٰ ڪئي هئي ته سنڌ حڪومت ٻيٽن تي شهر اڏڻ لاءِ اين او سي ڏني آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت ان بابت هڪ آئلينڊ اٿارٽي جوڙي پرڏيهي ڪمپنين سان معاهدا پڻ ڪيا هئا ۽ ان حوالي سان سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جو عوام سراپا احتجاج بڻيل هو، سنڌ حڪومت موقف اختيار ڪيو هو ته اهڙو آرڊيننس غير آئيني ۽ غيرقانوني آهي ۽ ان خلاف سنڌ اسيمبلي هڪ قرارداد پڻ منظور ڪئي هئي، جڏهن ته سڄي سنڌ اهڙي آرڊيننس ۽ ٻيٽن تي قبضي خلاف سراپا احتجاج بڻيل رهي، ڪراچي کان ويندي ڪشمور تائين لکين ماڻهن احتجاجي مظاهرا ڪري وفاقي حڪومت جي اهڙي عمل جي نه صرف نندا ڪئي پر اهو مطالبو به ڪيو ته صدارتي آرڊيننس غير آئيني ۽ غير قانوني آهي، جنهن کي واپس ورتو وڃي، سنڌ ۾ ٻيٽن بابت آرڊيننس کانپوءِ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويو ۽ ان جي پليٽ فارم تان ٻيٽن بابت معاهدا ڪندڙ ڪمپنين جي ملڪن کي خط لکي معاهدن کي غيرقانوني قرار ڏيندي ان کي روڪڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو هو، پر وفاقي حڪومت سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ جي عوام جي احتجاج کي بار بار ٺڪرائيندي آئي ۽ نيٺ ان آرڊيننس جو مدو ختم ٿي ويو.آئيني طور تي ڪو به صدارتي آرڊيننس هڪ خاص مدي لاءِ جاري ڪيو ويندو آهي، جنهن کانپوءِ ان کي پارليامينٽ مان منظور ڪرايو ويندو آهي، ان حوالي سان سنڌ حڪومت چيو آهي ته ڏنگي ۽ ڀنڊار سميت سمورا ٻيٽ سنڌ حڪومت جي ملڪيت آهن، وفاقي صوبي جي ملڪيت تي ڪڏهن به قبضو نٿو ڪري سگهي، حڪومتي ترجمان مرتضيٰ وهاب پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ کي خبر هئي ته پارليامينٽ ۾ سندن اڪثريت نه آهي ۽ اتي آرڊيننس منظور نه ٿيندو، ان ڪري اهڙو غير آئيني ۽ غيرقانوني آرڊيننس پارليامينٽ ۾ پيش ئي نه ڪيو ويو ۽ هاڻ ان جو مدو ختم ٿي ويو،هن چيو ته آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي کي گهٽ ڏيکارڻ جا ثبوت موجود آهن ۽ ان حوالي سان هڪ طئه ڪيل آئيني طريقيڪار موجود آهي، وفاقي حڪومت آدمشماري بابت پڻ آئيني فورم بدران ان کي ڪابينا ۾ کڻي وئي جيڪو غيرآئيني عمل آهي، هن اهو به چيو ته اسٽيل ملز جي ملازمن سان ناانصافي ٿي آهي، ايندڙ هفتي وفاقي سرڪار کي ان بابت پڻ خط لکيو ويندو.هن وڌيڪ چيو ته وفاقي سرڪار هر معاملي تي سنڌ سان ناانصافي ڪري رهي آهي، جنهن صوبي مان گئس نڪري ٿي اتان جا رهواسي پريشان آهن، هاڻ اهڙا رويا ختم ٿيڻ گهرجن.
اسان سنڌ حڪومت جي موقف جي مڪمل حمايت ڪندي اها گهر ٿا ڪريون ته ملڪ کي آئيني ۽ قانوني طريقي سان هلائڻ ۾ ئي ملڪ ۽ عوام جي بهتري سمايل آهي، موجوده وفاقي حڪومت جيئن ئي اقتدار ۾ آئي آهي تيئن 18 هين ترميم ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ ناڪامي کانپوءِ سنڌ سان مسلسل ناانصافيون ڪيون پيون وڃن، جن ۾ ٻيٽن تي قبضي جي ڪوشش کان ويندي آدمشماري جي معاملي تائين ۽ ان کان ويندي گئس جي رسد تائين ۽ ان کان به اڳتي اين ايف سي تحت فنڊ ڏيڻ جي معاملي تائين جتي ڪٿي سنڌ کي نقصان ڏنو پيو وڃي، اسان سمجهون ٿا ته اهڙو عمل نه ته جمهوري آهي ۽ نه ئي وري جمهوري حڪومت کي سونهين ٿو، اهڙن عملن سان هڪ طرف صوبي اندر بيچيني وڌي ٿي ته ٻئي طرف موجوده حڪومت جي جمهوري هجڻ ۽ ان جي ساک کي ظاهر ڪري ٿي، ان ڪري وفاقي حڪومت کان هڪ ڀيرو ٻيهر گهر ٿا ڪريون ته هاڻ تڪراري آرڊيننس کي مڪمل طور ختم ڪري گئس، فنڊن ۽ آدمشماري وارن مسئلن تي سنڌ جي موقف کي اهميت ڏني وڃي.