138

پي ڊي ايم جا فيصلا ۽ ملڪ ۾ نيون سياسي صف بنديون…

ليکڪ: علي محمد ميمڻ

ملڪ ۾ حڪومت ۽ جمهوري قوتن جي مخالف ڌرين واري اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ۾ وڏي ۽ فيصلائتي دنگل لاءِ نئين صفبندي ۽ مقابلي جو ميدان تيار ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي، هن مقابلي جي تحريڪي ڌرين ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي، مسلم ليگ نواز، جي يو آءِ ۽ خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي قومپرست ڌرين جي اتحاد طرفان وزير اعظم عمران خان جي استعيفيٰ کان گهٽ ڪابه ڳالهه ٻڌڻ کان انڪار ۽ حڪومت جو هر سياسي محاذ تي مقابلو ڪرڻ جي ڪيل اعلان سان ملڪ جو سياسي وايو منڊل تيزي سان گرم ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي. پي ڊي ايم جي ٿيل تازي سربراهي اجلاس ۾ ننڍين چونڊن ۾ حصو وٺڻ ۽ سينيٽ جي چونڊن بابت پڻ هاڪاري راءِ سامهون اچڻ سان يقينن حڪومت جو مايوسي واري صورتحال جو شڪار ٿيڻ لازمي ڳالهه آهي، جو هاڻي حڪومتي ڌر لاءِ پارلياماني ميدان خالي نه هوندا.حڪومت کي هاڻي ملڪ جي جمهوري قوتن جي اتحاد طرفان سخت مخالفت ۽ مقابلن کي منهن ڏيڻو پوندو، اهڙي صورتحال ۾ جڏهن حڪومت جي اڍائي سالن واري ڪارڪردگي به هاڃيڪار هجي ته پوءِ سرڪار کي پنهنجي اسيمبلين جا ميمبر سنڀالڻ ۾ به يقينن مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. هوڏانهن وقت گذرڻ سان گڏ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ واري وڏي اتحاد ۾ شامل ڌرين ۾پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڪردار وڌيڪ اهميت اختيار ڪري رهيو آهي. ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي وڏي جلسي عام ۽ سوڳ واري جذباتي ماحول ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ٿيل سينٽرل ايگزيڪٽو ڪاميٽي جي پاليسي سازي واري اهم اجلاس ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويا ۽ انهن بابت پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان ميڊيا ڪانفرنس ۾ انهن فيصلن بابت ڪيل اعلانن جي اثرن سان پڻ ملڪ جو سياسي وايو منڊل ئي تبديل ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان پارٽي جي فيصلن بابت ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت خلاف ملڪ گير تحريڪ هلائڻ لاءِ تيار آهي ۽ وزيراعظم جي استعيفيٰ بابت ڏنل31 جنوري 2021ع واري ڊيڊ لائين بعد اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ شروع ڪرڻ جي اعلان ۽ ان کان سواءِ سينيٽ ۽ خالي تڪن تي ٿيندڙ ننڍين چونڊن ۾ڀرپور نموني حصو وٺڻ ۽ ڪوبه سياسي ميدان خالي نه ڇڏڻ جو اعلان ڪيو ويو. پ پ چيئرمين پي ڊي ايم جي جماعتن کي  پڻ حڪومت جو گڏجي مقابلو ڪرڻ ۽ سينيٽ ۾ وڌ کان وڌ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي پڻ صلاح ڏني، پي ڊي ايم جي پهرين جنوري 2021ع تي لاهور ۾ٿيل ڊگهي اجلاس بعد جيڪي فيصلا سامهون آيا آهن اهي پڻ نئين سياسي ماحول جي پيدا ٿيڻ واري پاسي ويندا نظر اچي رهيا آهن، مولانا فضل الرحمان جي ڪيل اعلان موجب پي ڊي ايم طرفان ننڍين چونڊن ۾حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ سينيٽ جي چونڊن بابت پڻ وقت تي فيصلو ڪرڻ جي پڌرائي ڪئي وئي آهي. اتحاد جي نئين رخ جي حوالي سان يقينن پاڪستان پيپلز پارٽي جي سياسي حڪمت عملي جي مڃتا ٿيندي نظر اچي رهي آهي، جنهن  سان ملڪ جو تحريڪي ۽ پارليامينٽ جو پليٽ فارم پاڻ مرادو پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ان جي قيادت جي هٿن ۾ويندو نظر اچي رهيو آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان آخرڪار ملڪ جي مقبول سوچ ۽ سنڌ جي عوام جي خواهش ۽ ضرورت موجب فيصلا ڪري ساراهه جوڳو ڪم ڪيو ويو آهي، جنهن جي سموري ملڪ ۾ پڻ مڃتا ٿي رهي آهي، پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ۾ شامل ٽن پارلياماني جماعتن مان پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ نواز ۾پارلياماني سياست جي حوالي سان هڪ جهڙائي نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته اتحاد ۾ شامل ٽئين ڌر، جي يو آءِ ۽ اتحاد جو صدر مولانا فضل الرحمان پارلياماني معاملن، سينيٽ ۽ خالي تڪن تي ٿيندڙ ننڍين چونڊن کان گهڻو پري ۽ ڌار نظر اچي رهيو آهي ۽ هر صورت ۾ پارليامينٽ مان استعيفائون ڏيڻ تي زور ڏئي رهيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ميڊيا ڪانفرنس ۾ اهڙي قسم جي دٻاءَ جو ذڪر پڻ ڪيو ته،”پاڪستان پيپلز پارٽي ڪنهن جي ڊڪٽيشن کي قبول نه ڪندي ۽ نه ئي پيپلز پارٽي، ڪا نئين پي اين اي بڻجڻ چاهي ٿي“. ان کان سواءِ اهي خبرون  پڻ عام آهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي طرفان حڪومت  ۽ اسٽيبلشمينٽ خلاف تحريڪ هلائڻ جي خواهشمند ڌرين خاص طور تي مسلم ليگ نواز جي قائد ميان نواز شريف تي وطن واپس اچي، پي ڊي ايم جي تحريڪ ۽ لانگ مارچ جي پاڻ قيادت ڪرڻ ۽ استعيفائن جا فيصلا ملڪ ۾ ويهي ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ پيپلزپارٽي جو اهو مغز يا چتاءُ پڻ شامل آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي پارلياماني پارٽي ۽ ميمبرن جي استعيفائن جا فيصلا ڪرڻ جو مولانا فضل الرحمان ۽ ميان نواز شريف کي ڪوبه حق حاصل نه آهي. هو پنهنجي جماعتن جا فيصلا ڪري سگهن ٿا پر پي ڊي ايم جي فيصلن لاءِ شامل جماعتن جي قيادت جو پاڻ موجود هئڻ ۽ سمورين ڌرين جو پاڻ ۾متفق هئڻ ضروري آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ان موقف جي اها معنيٰ پڻ ٿئي ٿي ته، اها پي ڊي ايم ۾شامل ڪنهن به جماعت جي اڳواڻ کي  صدارتي ڪرسي تي ويهي يا لنڊن مان  پي ڊي ايم جو ”قائد تحريڪ “ بڻجڻ واري عمل کي رد ڪري رهي آهي. اها پڻ هڪ حقيقت آهي ته پي ڊي ايم جي بنيادي دستاويز موجب ان اتحاد ۾شامل سموريون جماعتون برابر آهن ۽ پي ڊي ايم جا فيصلا صرف شامل جماعتن جي اتفاق راءِ سان ئي ٿي سگهن ٿا، ان کان سواءِ سموريون جماعتون پنهنجا ڌار ڌار فيصلا ڪرڻ ۽ هڪٻئي سان پنهنجي سهولت ۽ ضرورت موجب گڏجڻ ۾ پڻ خودمختيار ۽ بااختيار آهن. ان ڏس ۾ اتحاد جي صدر يا ٻئي ڪنهن به عهديدار کي  شخصي طور تي ويٽو پاور يا پنهنجا مرضي وارا فيصلا اتحاد تي مڙهڻ يا ڪنهن ٻي جماعت تي لاڳو ڪرڻ جا حق ۽ اختيار  حاصل نه آهن، اهو رضا ۽ خوشي وارو اتحاد آهي جيڪو هڪ ٻئي جي احترام ۽ برابري جي بنياد ۽ حد بندين تي ٻڌل آهي. ظاهر آهي ته ملڪ جي سياسي جماعتن جي مقبوليت جو ماپو ۽ جياپو عوام ۽ پارليامينٽ سان ئي آهي. ٻين لفظن ۾ سياسي مخلوق، مڇين ۽ پکين جو جياپو ڍنڍن، ڍورن، درياهن ۽ سياسي سمنڊ يا پارليامينٽ، حڪومت ۽ اسيمبلين ۾ ئي آهي. ڪابه سياسي جماعت يا ڌر ، سياست جي انهن ايوانن کان ٻاهر نڪري ۽ ايوانن مان استعفائون ڏيڻ وارو ڪم ڪري ٿي ته ان جي معنيٰ اها ٿي ته اها سياست ۽ عوامي خدمت وارن ڪمن کان مايوس ۽ بيزار ٿي چڪي آهي ۽ اها پڻ مولانا فضل الرحمان ۽ سندس جماعت وانگر سندرا ٻڌي چڪي آهي. جڏهن ته ان سوچ جي برخلاف اتحاد ۾ شامل ٻن وڏين جماعتن، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز ۾ پڻ سينيٽ جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ ۽ خالي تڪن تي ننڍيون چونڊون وڙهڻ واريون خواهشون موجود آهن. اهڙي ريت، بلوچستان ۾ بي اين پي (مينگل)، نيشنل پارٽي ۽ خيبر پختونخواهه ۾عوامي نيشنل پارٽي پڻ  سينيٽ ۽ ننڍين چونڊن ۾حصو وٺڻ بابت ساڳي سوچ رکن ٿيون، جنهن سان اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته، ملڪ جون جمهوري قوتون وڌيڪ هاڃيڪارين ۽ وڏن نقصانن کان ملڪ، جمهوري سرشتي ۽ پنهنجي جماعت جي طاقت کي پڻ بچائي وٺنديون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو