190

پنجاب ۾ وائي فائي واري مفت سرڪاري سهولت ختم

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت سڄي صوبي ۾ وڏي سالياني سبسڊي سبب پنجاب وائي فائي پراجيڪٽ بند ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق سال 2017ع ۾ ان وقت جي حڪومت لاهور ۽ ملتان سميت صوبي جي 200 هنڌن تي وائي فائي جي مفت سهولت ڏيڻ لاءِ پنجاب وائي فائي منصوبو شروع ڪيو هو، منصوبي تي ساليانو 19 ڪروڙ 50 لک خرچ اچي رهيو هو، گذريل سال جي شروع ۾ به پي ٽي سي ايل کي بل ادا نه ڪرڻ تي سهولت عارضي طور تي بند ٿي هئي پر پوءِ وري ان سروس کي بحال ڪيو ويو. پنجاب حڪومت پاران هڪ ڀيرو ٻيهر عوامي هنڌن تي وائي فائي جي سهولت ختم ڪئي وئي آهي، ڄاڻايل سهولت ختم ٿيڻ سان سڄي صوبي جي تعليمي ادارن جا هزارين شاگرد، محقق، عالم ۽ صحافي مفت وائي فائي جي سهولت کان محروم ٿي ويا  آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو