183

اسلام آباد ڪنهن جي پيءُ جي جاگير ناهي، ناجائز قبضو ڇڏرائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون: مولانا فضل الرحمان

ملتان (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته اسلام آباد مان ناجائز قبضو ڇڏرائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون. ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته پي ڊي ايم ۾ شامل سموريون پارٽيون پنهنجي موقف تي قائم ۽ متفق آهن، اسان جي موقف ۾ ڪابه تبديلي ناهي آئي، پاليسي ۾ تبديلي کي وڌائي پيش ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته استعيفائن وارو مرحلو باقي آهي، استعيفائون پارٽي قيادت وٽ جمع ٿي چڪيون آهن.هن چيو ته اسلام آباد ڪنهن جي پيءُ جي جاگير ناهي، اسان اسلام آباد مان ناجائز قبضو ڇڏرائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو