174

نيب ۾ ٽن سالن دوران هڪ لک 54 هزار کان وڌيڪ شڪايتون داخل، ڪارڪردگي رپورٽ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب ۾ ٽن سالن دوران هڪ لک 54 هزار کان وڌيڪ شڪايتون داخل ٿيون آهن، جڏهن ته نيب سال 2018ع کان 2020ع تائين جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. نيب پاران جاري ڪيل رپورٽ مطابق 2018ع کان 2020ع تائين نيب کي مجموعي طور تي هڪ لک 54 هزار 697 شڪايتون وصول ٿيون، جن مان نيب راولپنڊي کي 21 هزار 71،  نيب لاهور کي 29 هزار 242، نيب خيبرپختونخواهه کي 12 هزار 627، نيب بلوچستان کي 2500،  نيب سکر کي 75 هزار 944 ۽  نيب ملتان کي 13 هزار 313 شڪايتون وصول ٿيون. ان حوالي سان نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جو چوڻ هو ته نيب ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، نيب ڪرپشن جي خاتمي ۽ ڦٻايل ناڻي کي واپس ڪرڻ لاءِ جوڙي وئي آهي، پاڪستان واحد ملڪ آهي جتي چين ڪرپشن جي خاتمي لاءِ معاهدي تي صحي ڪئي. هن چيو ته نيب پنهنجي قيام کان وٺي هن وقت  تائين 714 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو