182

بلوچستان جي گهرو کاتي ننڍي چونڊ ملتوي ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط اماڻي ڇڏيو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي گهرو کاتي ننڍي چونڊ ملتوي ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط اماڻي ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق بلوچستان جي گهرو کاتي پشين ۾ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي ننڍي چونڊ ملتوي ڪرائڻ لاءِ درخواست ڪري ڇڏي آهي، صوبائي گهرو کاتي چونڊ ملتوي ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط به لکيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته سياري واري موسم ۽ امن امان واري صورتحال ننڍي چونڊ لاءِ بهتر ناهي، جنوري ۽ فيبروري ۾ ٿڌ واري موسم دوران چونڊ معاملن کي مڪمل ڪرڻ ۾ ڏکيو عمل آهي، ان ڪري اليڪشن ڪميشن صوبي ۾ ننڍي چونڊ ملتوي ڪري ۽ نئين تاريخ جو اعلان ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو