166

اسلام آباد مان ايڊووڪيٽ حماد سعيد اغوا، بار ايسوسيئيشن پاران عدالتي ڪاررواين جي بائيڪاٽ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان ايڊووڪيٽ حماد سعيد اغوا گهران اغوا ڪيو ويو، واقعي خلاف اسلام آباد بار ايسوسيئيشن پاران عدالتي ڪاررواين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اسلام آباد جي ٿاڻي ترنول واري علائقي جي 16 ٿري مان ايڊووڪيٽ حماد سعيد کي سندس گهر مان اغوا ڪيو ويو. سندس اغوا جو ڪيس داخل ڪيو  ويو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نامعلوم ماڻهن کيس گهران اغوا ڪيو آهي. اسلام آباد بار ايسوسيئيسن حماد سعيد ڊار جي اغوا واري واقعي خلاف عدالتي ڪاررواين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي. جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وڪيل 4 جنوري تي عدالتن ۾ پيش نه ٿيندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو