269

نواب ولي محمد ۾ پيرسن کي رولو ڪتي ڏاڙهي وڌو، وئڪسين نه ملڻ خلاف احتجاج

نواب ولي محمد (ن سوڀ) يوسي احمد ٻگهيو جي ڳوٺ وريل چانڊيو ۾ معذور پيرسن دوست محمد چانڊيو کي رولو ڪتي ڏاڙهي وڌو، معذور پيرسن کي قاضي احمد اسپتال مان وئڪسين نه ملي. نواب ولي محمد پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪندي پيرسن دانهيندي چيو آهي ته مسڪين آهيان، نواب ولي محمد شهر ۾ واڻ وڪڻي گهر هلايان ٿو، رولو ڪتي ڄنگهه ۾ چڪ هنيو آهي پر قاضي احمد اسپتال ۾ وئڪسين ڊاڪٽر نه ٿا ڏين چون ٿا اڄ آچر تي موڪل آهي سڀاڻي اچجان. هن ڊي ايڇ او هيلٿ کي اپيل ڪئي آهي ته وئڪسين ڪرائي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو