246

حڪومتي وزير سازشون ڪري رهيا آهن پر پي ڊي ايم متحد آهي، ضمني چونڊ هجي يا سينيٽ اليڪشن، هر ميدان ۾ حڪومت جو مقابلو ڪنداسين: بلاول ڀٽو زرداري

ٺٽو (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ضمني چونڊ هجي يا سينيٽ اليڪشن، هر ميدان ۾ حڪومت جو  مقابلو ڪنداسين. ٺٽي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته هڪ نالائق ۽ نااهل وزيراعظم اسان تي مڙهيو ويو، پاڪستان معاشي ترقيءَ واري شرح ۾ بنگلاديش کان به پوئتي آهي، اڄ خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي پاڪستان ۾ آهي، عوام کي نااهل حڪومت جي ڪري مهانگائي جو بار کڻڻو پئجي رهيو آهي، جيڪڏهن وزيراعظم وٽ مسئلن جو حل ناهي ته کيس استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته حڪومتي وزير سازشون ڪري رهيا آهن پر پي ڊي ايم متحد آهي، پي ڊي ايم جي ڪاميابي پيپلز پارٽي جي ڪاميابي آهي، سمورا فيصلا پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان ٿيندا، عوام کي اپيل ڪريون ٿا ته پي ڊي ايم جو ساٿ ڏئي، سڀ گڏجي هن نااهل حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪنداسين ۽ عوامي حڪومت آڻينداسين. قومي ڊائيلاگ بابت بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته جيستائين ڪٺ پتلي نظام هلي رهيو آهي نيشنل ڊائيلاگ ممڪن ناهن، قومي ڊائيلاگ اسيمبلي ۾ ٿي سگهي ٿو پر پهريان وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي ۽ حڪومت گهر وڃي. مڇ ۾ ٿيندڙ دهشتگرد واقعي بابت بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته مڇ ۾ ٿيندڙ واقعي جي جيتري مذمت ڪجي سا گهٽ آهي، حڪومت نيشنل ايڪشن پلان کي وساري ويٺي آهي، وفاقي حڪومت سياست بدران ڪم تي ڌيان ڏئي ها ته  هن طرح جا مسئلا نه ٿين ها.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو